اڄ مان انتھائي ڏک، ملال، غم جي شدت کان بيحال، سموريون ھمتون ھاري، وقت جي معصوم رھزنن ھٿان شڪست تسليم ڪري، پنھنجا فلاحي ادارا اسڪول ۽ ووڪيشنل سينٽر بند ڪرڻ جو اڻ وڻندڙ اعلان ڪريان ٿي. ھڪ مھيني اندر پنھنجي سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڏينديس ۽ پوءِ سمورو رڪارڊ، فرنيچر فڪسچر ۽ اسڪول جي زير تعمير بلڊنگ امانت طور لکت ۾ قانوني طريقي ڪار موجب عدالت جي حوالي ڪنديس. رات جا رھز کٽي ويا ۽ علم ھارائي ويو. مون کي پنھنجي زندگيءَ جي پرواهه ناهي پر معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي زندگين کي داءَ تي لڳائڻو ناھي. مون کي مجرماڻي ذهنيت وارن کان شڪست قبول آهي. مان انهن سمورن مھربان انسان دوست ڀائرن ۽ ڀينرن جي اخلاقي ۽ مالي سھڪار علم دوستيءَ ۽ انسانيت دوستي لاءِ انتھائي ٿورائتي آھيان جن ھن فلاحي ادارن قائم ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن اسان جو ھر طرح جو ساٿ نڀايو، پنهنجي اڻ وڻندڙ فيصلي تي انهن سڀني کان ھٿ ٻڌي معافيءَ جي طلبگار پڻ آھيان. منھنجي ھنن لفظن کي صرف اکر نه پر منھنجي اکين مان وھندڙ ڳوڙھن جي برسات سمجهڻ گهرجي.
(بيبي باگڙي جي پوسٽ)