سڄي سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي مارشلا نافذ ڪئي وئي آھي. سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهائي ڪري کنڀي گم ڪيو پيو وڃي.اسماعيل عباسي لکيو ته اهڙيون گرفتاريون ۽ ڇاپا مارشلا دور جون ياديون تازيون ڪن ٿا، ماجد ڏانور لکيو ته سنڌ سنڌين جو وطن آهي، منٺار لغاري لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي شام واري ٿيندڙ اجلاس ۾ نظرون آھن اميدون به آھن جيڪو به قومي ڪارڪن احتجاج ٿو ڪري ته ايف آءِ آر تيار رکي پئي آهي اميد ٿا ڪريون سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سرگرمي ڏيکاريندي، شان محمد لکيو ته احتجاج جو طريقو تبديل ڪرڻ گهرجي، هر شهر جي موڙ تي احتجاج ڪيو وڃي، عزيز هاليپوٽو لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کي هاڻي جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ گهرجي، نيئر عباس لکيو ته هي سنڌ عوام کي ڊيڄاري نٿا سگهن سنڌي ماڻهو هاڻي انهن کي اليڪشن ۾ ڊيڄاريندا. ساگر مڪيشن، تهمينه مفتي، لال بخش جسڪاڻي، ڪامران سومرو، نور جوڻيجو، احسان لغاري، محمد علي، اشفاق علي، عبدالمجيد چانڊيو، امجد خان تيوڻو ۽ ٻين گرفتارين جي مذمت ڪئي. امتياز علي عباسي لکيو ته سڄي سنڌ گرفتارين جي هار ۾ پوئجي رهي آهي ائين پيو لڳي ڄڻ اسرائيلي اچي ڪڙڪيا هجن، آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شڪارپور مان جسقم اڳواڻ سميع بلالي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن تي فهد شهزاد لکيو ته شهيد قيوم منگي جي ڀاءُ جسم اڳواڻ عمران منگي، جست اڳواڻ نصير منگي، جسم اڳواڻ اسد سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي، ايم ايچ لغاري لکيو ته جسقم دوڙ آرگنائيز اياز لغاري کي کنڀيو ويو آهي، ذوالفقار علي لکيو ته ٺل مان جسقم اڳواڻ وزير قريشي کنڀجي ويو، عثمان سنڌي لکيو ته جهڏو جسقم اڳواڻ نياز کوسو گرفتار ڪيو ويو، بشير چانڊيوعمر علي سيٺار، ساگر سنڌي، صوفي ساگر، باغي آڪاش ٻرڙو، اياز لطيف مهر، جوش جروار، بهرام خان ۽ ٻين گرفتارين جي مذمت ڪندي آزادي جو مطالبو ڪيو.دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي سنڌ ۾سياسي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي سنڌ پرست جماعتن جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي گرفتاريون ڪيو پيون وڃن، پ پ سرڪار جو هي عمل قابل مذمت آهي. جنهن تي جامي چانڊيو، هاشم کوسو، ذوالفقار واهوچو، سورٺ ٿيٺو، الطاف خاصخيلي، حنيف چانڊيو، امداد چانڊيو، اسحاق سميجو، شوڪت پنهور، مشتاق ميراڻي، زاهد ڏيپر، خالدا ڪيراڻو، زاهد ڀنڀرو ۽ ٻين گرفتارين ۽ ڇاپن جي مذمت ڪئي.اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي ڪارڪنن خلاف بدترين رياستي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، رات دير تائين سيوهڻ ، مڪلي، ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن جي گھرن تي پوليس جي چڙھائي 12 کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا، جنهن تي گل سميجو، خالد منير بخاري، زبيده جوڻيجو ۽ ٻين مذمت ڪئي. ايم صالح جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ٽي پي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو صدر اقبال حاجاڻو پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو.