لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي شعبي جي ٻن آر او پلانٽس ۾ فني خراب سبب وارڊ کي تالا هڻي بند ڪرڻ بابت پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ کان پوءِ چانڊڪا اسپتال انتظاميا ٽيڪنيشن گهرائي خراب ٻنهي آر او پلانٽس کي درست ڪرائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مريضن جي ڊائلاسز جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، هوڏانهن آر او پلانٽس کي درست ڪرڻ کان پوءِ گڙدن جي دوائن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي، ان حوالي سان مريضن جي وارثن ٻڌايو ته نيفرولاجي وارڊ ۾ اسان کي دوائون نه ٿيون ملن ڊاڪٽرن پاران پرچيون لکي ٻاهرين ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري دوائون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.