سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو اٺون ميل اسٽاپ وٽ ٻن ٽرڪن، مزدا ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نينگر يوسف ولد چاڪر خان بگٽي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، زخمي ٿيل نينگر نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ بيهوشي واري حالت ۾ داخل هو. پي ايم سي اسپتال جي ڊاڪٽرن کيس ڪراچي ريفر ڪيو هو پر فوتي نينگر يوسف بگٽي جي خاندان غريب ۽ مسڪين هجڻ سبب هو ان پوزيشن ۾ نه هئا ته کيس ڪراچي کڻائي وڃن، ٻئي طرف حادثي جو شڪار چاڪر خان بگٽي جي خاندان جي 3 عورتن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سنجهوري ويجهو اٺين ميل وٽ ٻن ٽرڪن، مزدا ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار بگٽي برادري جي هڪ ئي خاندان جي 5 عورتن، 7 ٻارڙن سميت 19 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.