پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو پوندو

0
168
بيگناهه ماڻهن جو ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل

وڏي تجربي کانپوءِ نيٺ ڳالهه اچي اتي پهتي آهي ته پهرين پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو،انهي کانسواءِ بحران مان نڪري نه ٿو سگهجي.اهي ڳالهيون اڳ ۾ ڪير ڪندو هو ته ان کي شڪ جي  نگاهه سان ڏٺو ويندو هو پر هاڻي حڪومت پاڻ اهي ڳالهيون ڪري رهي آهي.گهڻي وقت کان وٺي پاليسي ٺاهيندڙن تي ا ها تنقيد ٿيندي رهي آهي ته ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکي پاليسيون  ٺاهڻ بدران فرد واحد حڪم هلائيندا رهيا آهن، خاص ڪري آمرن جي دورن ۾ ته ڪنهن معاملي تي بحث جي گنجائش ئي نه هوندي هئي.رات پيٽ ۾ پاليسيون تبديل ٿينديون هيون .اڳ ۾ جيڪي جهادي سڏبا هئا پوءِ اهي دهشتگرد ٿي ويا جنهن جو نقصان سڄي ملڪ ۽ عوام کي پيو. نيڪٽا غير فعال ٿي ويو،نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيو وري انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ انهن ڳالهين بابت پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو جنهن ڪري ٻڏتر جي شڪار پاليسي سبب دهشتگرد مضبوط ٿيڻ لڳا جنهن جو تازو مثال پشاور ۽ ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جا واقعا آهن ،ٻه ڏينهن اڳ  ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ جتي  معاشي صورتحال کان وٺي دهشتگردي جي معاملن تي ويچار ڪيو ويو اتي پشاور ۽ ڪراچي ۾ ٿيل تازو دهشتگردي جي واقعن بابت  بريفنگ به ڏني وئي ۽ گڏجاڻي جو اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ هن بحران مان نڪري نه ٿو سگهجي.

ملڪ جي جيڪا هن وقت صورتحال آهي ان ۾ رڳو ڪو هڪ بحران ناهي،سياسي عدم استحڪام سبب نظام انهي انداز ۾ اڳتي نه ٿو وڌي جنهن سان معاملا اڪلائجندي نظر اچن،جڏهن ته معاشي صورتحال مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ا هڙو اضافو ڪيو آهي جو عام ماڻهو جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي جڏهن ته   حڪومت وٽ آءِ ايم ايف کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نظر نه ٿي اچي جنهن سان وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خطرو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جا اهڙا شرط به مڃيا آهن جنهن جو سڌو اثر عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي سبسڊي ختم ڪرڻ سميت بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه  به آءِ ايم ايف جي شرط تي وڌايا ويا، جنهن جو حڪمران اعتراف به ڪري رهيا آهن. معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي پر ملڪ جون سياسي حالتون ٻڌائين ٿيون ته اهي بهتر ٿيڻ ته ٺهيو ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن ۽ هن وقت ته لڳي ٿو معاملو آئيني بحران طرف وڌي رهيو آهي.اهڙي صورتحال ۾ ڀلي کڻي آٰءِ ايم ايف مدد لاءِ به اچي ان سان ٺاهه به ٿي وڃي عام ماڻهن تي مهانگائي جو بار به وڌو وڃي ته پوءِ ڇا سياسي غير يقيني جي هوندي ملڪ جون  معاشي حالتون بهتر ٿي سگهنديون.ڪاروبار ۽ واپار تي ان صورتحال جا جيڪي منفي اثر پوندا اهي معاشي صورتحال کي سنڀالڻ ئي نه ڏيندا انهي صورتحال ۾ ٻاهرين سيڙپ جو ته سوچي ئي نه ٿو سگهجي جتي مخالف ڌر جي وڏي پارٽي روز روز ملڪ جي سريلنڪا سان ڀيٽ ڪري ته ڪهڙو عقلمند سيڙپڪار سيڙپ لاءِ سوچيندو.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍڻ لاءِ جيترا ڏکيا فيصلا ڪيا ويا آهن انهن سڀني جو اثر عام ماڻهو تي پيو آهي  ۽ بار بار عوام کان قرباني ورتي وئي آهي .هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سياسي ڌريون پنهنجا پنهنجا اختلاف پاسي تي رکي ملڪي مفادن لاءِ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن جنهن جو اظهار ايپڪس ڪميٽي ۾ به ٿيو آهي ته پهرين پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو پوندو،نيشنل ايڪشن پلان تي عمل لاءِ نيڪٽا کي فعال ڪرڻو پوندو ايندا ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن   سياسي غير يقيني ختم  ٿيندي.