داسو ڊيم ان جا منفي ۽ مثبت پهلو

0
174
داسو ڊيم ان جا منفي ۽ مثبت پهلو

 اڄڪلهه سنڌو درياهه ۽ ان تي اڏجندڙ اڏاوتون ۽ سنڌ طاس معاهدو اخبارن جي خبرن جي زينت بڻيل آهي. تازو هندستان،سنڌ طاس معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ لکيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ملڪي اخبارن ۾ ڪافي لکيو پيو وڃي. فيبروري مهيني ۾ انگريزي اخبارن ڊان ۾ 2 مضمون ۽ سنڌي “پنهنجي اخبار ”۾ ٽي مضمون ڇپيا آهن. ٻئي طرف وري واپڊا طرفان داسو ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ جي خبر اخبارن ۾ ڇپي آهي. ان کان اڳ ۾ واپڊا طرفان اها خبر ڏني وئي ته ڀاشا ڊيم جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. تازو وزير داخله راڻا ثناءُالله ڀاشا ڊيم ٺهڻ واري هنڌ جو معائنو ڪري، اتي ڪم ڪندڙ چيني مزدورن ۽ عملي جي لاءِ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. واپڊا جي ويزن 2025 (Vision 2025) مطابق سنڌو درياهه تي اسڪردو ڊيم ٺاهڻ پڻ شامل آهي. ملڪ ۾ صرف سنڌو درياهه تي ايترا منصوبا ڇو پيا ٺاهيا وڃن؟ انهن منصوبن جو سنڌ ۽ سنڌو بيٽاري (Indus Delta) تي ڪهڙو اثر پوندو. اچو ته ان جو جائزو وٺون. ان کان پهرين جو اسان سنڌو درياهه تي ٺهندڙ منصوبن جو جائزو وٺون، اسان کي پنهنجي آس پاس پاڻي صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي. چين طرفان برهمپترا درياهه جيڪو هندستان جو مکيه درياهه آهي. ان تي ڊيم ٺاهيا پيا وڃن. ٻئي طرف نيپال مان ايندڙ مابجازانگبو درياهه تي چين طرفان ڊيم ٺاهيو پيو وڃي. اهو درياهه گهاگهرا درياهه جو مکيه ڀرتو درياهه آهي. گهاگهرا درياهه گنگا ندي سان هندستان جي بهار صوبي ۾ اچي ملي ٿو. بهار کان مٿي گنگا ندي جو پاڻي هندستان ۾ ڊيمن ۽ واهن ذريعي استعمال ٿي وڃي ٿو، جتان پوءِ صرف گهاگهرا ندي جو پاڻي گنگا ندي ۾ وهي ٿو. هندستان انهن منصوبن ڪري ايندڙ پاڻي کوٽ کي محسوس ڪندي چناب ۽ جهلم درياهه تي مختلف منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي. هندستان طرفان سنڌ طاس معاهدي تي نظرثاني انهيءَ سلسلي جي ڪڙي چئي سگهجي ٿي. ٻئي طرف هندستان افغانستان مان ايندڙ ڪابل درياهه تي افغان حڪومت سان ملي ڊيمن ٺاهڻ جو منصوبو رٿيو آهي. ياد رهي ته افغانستان مان 18.7 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سنڌو درياهه ۾ شامل ٿئي ٿو. انهي مان صرف ڪابل ندي 16.8 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آڻي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال سامهون اچي ٿو ته پاڪستان ۾ صرف سنڌو درياهه تي ڇو ڊيم ٺاهيا پيا وڃن؟ پاڪستان ۾ ايندڙ ٽي درياهه 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي هيٺ هندستان کي ڏئي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي هندستان، چناب ۽ جهلم ندي جو پاڻي روڪڻ لاءِ مختلف منصوبا ٺاهي رهيو آهي، انهيءَ ڪري صرف سنڌو درياهه بچي ٿو، جنهن تي ڊيم ٺهي سگهن ٿا. واپڊا طرفان نه صرف سنڌو درياهه پر ان جي معاون درياهن تي پڻ مختلف منصوبا، ويزن 2025 (Vision 2025) ۾ شامل ڪيا آهن.اچو ته مرڪزي سرڪار طرفان سنڌو درياهه تي شروع ڪيل ٻن اهم منصوبن جو جائزو وٺون.  1.ديامير ڀاشا ڊيم: سنڌو درياهه تي ٺهندڙ هي ٻيو ڊيم آهي، ان کان پهرين تربيلا ڊيم ٺھيل آهي. هي ڊيم دنيا جو اوچي ۾  اوچو ڊيم هوندو. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 8.1 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته استعمال جوڳو پاڻي 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. هن ڊيم مان 4500 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪئي ويندي. 2013ع ۾ هن منصوبي جي ڪٿ 14 ارب ڊالر هئي. اهو ڪم 2022ع ۾ شروع ٿيو آهي ۽ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ اٺ سال لڳي سگهن ٿا. انهن حالتن ۾ هن منصوبي تي ڪيترو خرچ ايندو، اهو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه چئي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن منصوبي تي 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ خرچ اچي سگهي ٿو. 2.داسو ڊيم: واپڊا جي ڏنل ڄاڻ مطابق سنڌو درياهه تي ٺهندڙ هن ڊيم تي 2019ع ۾ ڪم شروع ٿيڻو هو، پر پئسا نه هئڻ ۽ زمين نه ملڻ ڪري وقت تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو. 749 فوٽ اوچي ڊيم مان 4320 ميگا واٽ بجلي ٻن مرحلن ۾ حاصل ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ 2160 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪئي ويندي ۽ ان تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو 4.278 ارب ڊالر آهي. انهيءِ ۾ عالمي بينڪ جو حصو 700 ملين ڊالر آهي. هن ڊيم ۾ 1.14 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪيو ويندو. هن ڊيم لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته ان مان ڪو به واهه نه ڪڍيو ويندو ۽ داسو ڊيم جو مثبت پهلو اهو آهي ته ان مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. ڊيم جو منفي پهلو هي آهي ته اتان ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيندي، ڳوٺ گھر گھاٽ ۽ آباد زمينون پاڻي هيٺ اچي ويندا. منصوبي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آس پاس سم ۽ ڪلر جو آزار ٿيندو ۽ حاصل ٿيندڙ بجلي مهانگي هوندي. درياهه جي ايڪالاجي متاثر ٿيندي. داسو ڊيم جي پهرين مرحلي تي ايندڙ خرچ ٻاهرين دنيا کان قرض طور ورتو ويندو، جيڪو وياج سان واپس ڪرڻو پوندو، جيڪو واپس ڪرڻ تائين ٻيڻو ٿي ويندو. ان کانسواءِ ڊيم مان ٺهندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ الڳ ضروري ڪم ڪرائڻا پوندا، جن تي خرچ جو ڪاٿو نه ٻڌايو ويو آهي. ڊيم مڪمل ٿيڻ ۽ ان مان پيداوار حاصل ڪرڻ تائين ايندڙ خرچ کي نظر ۾ رکندي، اهو محسوس ٿئي ٿو ته اها ڪنهن به حالت ۾ سستي بجلي نه بلڪ ملڪي معيشت تي بوجهه هوندي. اها ڪٿان جي علقمندي آهي جو وياج تي فرض کڻي مهانگي بجلي ٺاهجي، جڏهن ته ملڪ ۾ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جا ٻيا به متبادل ذريعا موجود آهن، جن ۾ ٿرڪول، شمسي توانائي ۽ پن بجلي شامل آهن. داسو جي ڪري قراقرم رستي جو پنجاهه ڪلو ميٽر حصو پاڻي هيٺ اچي ويندو، جيڪو وري جبلن مان نئين سر ٺاهيو ويندو. سڀ کان وڏو منفي پهلو اهو آهي جو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊيم ۾ پاڻي هڪ مخصوص سطح تائين روڪيو ويندو جنهن ڪري سنڌو جي وهڪري ۾ گهٽتائي ايندي. جڏهن ڀاشا ۽ داسو ڊيم ٺهي ويندا ته سنڌو درياهه تي ٽي بجلي پيدا ڪندڙ وڏا ٽي ڊيم ساڳئي قطار ۾ هوندا، انهن ٽنهي ڊيمن مان بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻي روڪيو ويندو، جنهن ڪري تربيلا کان هيٺ دريائي وهڪري تي منفي اثر پوندو. اڄ يعني 22 فيبروري تي تربيلا ۾ پاڻي آمد 18 هزار ڪيوسڪ آھي .تربيلا کان مٿي جڏهن مٿيان ٻئي منصوبا مڪمل ٿي ويندا ته پوءِ تربيلا ۾ ڪيترو پاڻي ايندو، انهيءِ جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي، خاص ڪري نومبر کان مئي تائين جڏهن گلگت ۾ گرمي پد گهٽ هئڻ ڪري درياهه ۾ پاڻي آمد گهٽجي ويندي آهي. انهن ٻنهي ڊيمن لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته اتان ڪو به واهه نه ڪڍيو ويندو. ان جو مطلب ته اهي ڊيم صرف پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن. جڏهن ڀاشا ڊيم لاءِ اڳوڻي  وزيراعظم جي خصوصي معاون جنرل ريٽائرڊ عاصم باجوه ۽ چيئرمين واپڊا 2020ع ۾ اهو چيو هو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان اضافي 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. اهو سوال اڃا تائين حل طلب آهي ته اها زمين ڪهڙي صوبي جي آهي ۽ ڪيئن آباد ڪئي ويندي. ماضي جي تجربن، بداعتمادي، غلط فهمي ۽ غير يقيني صورتحال ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڀاشا ڊيم مان واهه ڪڍيا ويندا ۽ اها زمين پنجاب صوبي جي آهي. انهيءِ سڄي معاملي ۾ اسان سنڌو ٻيٽاري (Indus Delta) کي وساري ويٺا آهيون. ڊيمن ٺهڻ ڪري متاثر ٿيندو ماڻهن ۽ زمين لاءِ ته معاوضو منصوبي ۾ شامل آهي، پر ڊيمن ٺهڻ ڪري سنڌو ٻيٽاري ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اتي متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۽ سمنڊ دوز ٿيندڙ زمين جو ڪو به ذڪر نه آهي. سنڌو ٻيٽاري جيڪا دنيا جو پنجون نمبر ڊيلٽا ۽ تمر جي ٻيلن ۾ ستين نمبر تي آهي، اهو هاڻي پوين پساهن ۾ آهي. هڪ غير جانبدار اداري “ٿرڊ پول” جي ڪيل تحقيق مطابق ڊيلٽا ٻيانوي سيڪڙو گهٽجي ويو آهي ۽ اتان ٻارهن لک ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا آهن ۽ تمر جا ٻيلا پڻ تيزي سان گهٽجي رهيا آهن. بين الاقوامي ماهرن 2005ع ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جي سفارش ڪئي هئي. گذريل سال عالمي بينڪ طرفان سنڌ حڪومت کي اهو مشورو ڏنو ويو هو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڪنهن به حالت ۾ ٻڙي نه هئڻ گهرجي. اڄ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ٻڙي آھي. جيڪڏهن عالمي ماهرن ۽ ادارن جي ڳالهه نه مڃي وئي ته عين ممڪن آهي ته ايندڙ صدي ۾ انڊس ڊيلٽا سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃي. ياد رهي ته 1843ع ۾ انڊس ڊيلٽا موجوده حيدرآباد کان ليکيو ويندو هو.

موجوده صورتحال ۾ ڳالهه اچي اتي دنگ ڪري ٿي ته دريائن تي مٿين ڀروارن ڌرين جي ڏاڍاين ڪري هيٺين ڀروارا ملڪ يا ڌريون نقصان ۾ آهن. سنڌ پڻ سنڌو  درياهه تي هيٺين ڀرواري ڌر آهي، انهيءِ ڪري منڍ ۾ ڪهڙي به نالي هيٺ ٿيندڙ اڏاوتن ڪري سنڌ ۽ سنڌو ٻيٽاري جو وجود خطري ۾ آهي.