قوم ووٽ جي طاقت سان عمران خان کي مائينس نه ڪيو ته هو وڏو حادثو ڪرائيندو: راڻا ثناءُ الله

0
197

فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو ته جيل ڀريو تحريڪ عمران خان لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي وئي آهي

فيصل آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قوم ووٽ جي طاقت سان عمران خان کي مائينس نه ڪيو ته هو وڏو حادثو ڪرائيندو، عمران خان جا انتشار پکيڙڻ وارا سازشي منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن، جيل ڀريو تحريڪ عمران خان لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي وئي آهي

 وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جا گرفتاريون ڏيندڙ ڪارڪن چون ٿا ته اسان کي گمراهه ڪري گرفتارين لاءِ مجبور ڪيو ويو، حڪومت پهرين ملڪ جي ڏورانهن جيلن ۾ هنن کي رکندي

هن جو چوڻ هو ته ڏورانهن علائقن جي جيلن ۾ وڏي گنجائش آهي، پرويز الاهي جي آڊيو ليڪس جي جاچ ٿيڻ گهرجي، آڊيو جي فورينزڪ ٿيڻ تائين اسان الزام لڳائڻ جي حق ۾ نه آهيون

هي به پڙهندا

جيل ڀريو تحريڪ دوران صرف 121 ڄڻن گرفتاريون پيش ڪيون:پنجاب پوليس