پنھنجو پاڻ کي سوچن کان آزاد رکڻ سکو

 

ڇا اوھان پريشان آھيو؟ ڇا اوھان ھر وقت گھٻرائجي وڃو ٿا؟ ڇا اوھان جي دماغ ۾ صرف ھڪ ئي شي يا ان جو تصور دماغ تي سوار آھي جنھن کي اوھان نه صرف روڪي پر ضابطو به نٿا آڻي سگھو؟. اھڙن سوچن جو بار بار اچڻ يا ان جي باري ۾ لڳاتار سوچڻ سان ھاڃيڪار اثر پون ٿا. جيئن انزائٽي، ڊپريشن، اسٽريس وغيره. جنھن جي ڪري انسان جي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي بري طريقي سان اثرانداز ٿي ويندي آھي. جيئن ته سوچن جا ٻه طريقا يا قسم آھن. ھڪ مثبت ٻيو منفي. مثبت سوچ ماڻھو کي اڳتي وٺي ويندي آهي جڏھن ته منفي سوچ ماڻھن کي پوئتي ئي ڌڪي ڇڏيندي آھي. جڏھن مثبت سوچجي ته انھن جا بيشمار فائدا آھن ۽ ماڻھو کي جيئڻ جو حوصلو ملي ويندو آھي ٻيا ڪم به آسان ٿي ويندا آهن ۽ منفي سوچ انسان کي پريشان ، منجھيل، موڳو، فضول يا غير سبب سوچڻ جو شڪار بڻائي چڏيندي آھي جيڪڏھن ان جي سبب جي ڳالهه ڪجي ته ان جو تعلق ماضيءَ سان گڏ مستقبل سان پڻ رکي ٿو. مثال طور، پڇتاوا، احساس ڪمتريءَ ته ڪاش! آئون وقت تي محنت ڪيان ھا ته اڄ آئون ڪامياب ھجان ھا. ان کان علاوه مستقبل جي باري ۾ سوچڻ ته اڳيان ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو؟ اھڙن خيالن ۽ سوچن جي ڪري انسان بي آرام ۽ نااميدي جي احساسن ۾ رھڻ شروع ڪري ٿو. حقيقت ۾ ته اھڙن سوچن کي مڪمل طور ختم ڪري سگھجي ٿو جنھن جا ڪيترائي طريقا آھن. جيئن، پنھنجي سوچن يا مسئلن کي ڊائري ۾ لکي ڪري ان جو حل ڪڍڻ، پنھنجو پاڻ کي ڪارائتي مشقن ۾ مصروف رکڻ، ورزش  يا وري پنھنجو پاڻ کي وقت ڏجي. اھڙن عملن ڪرڻ سبب پنھنجي دماغ ۽ روزمره جي زندگيءَ کي پڻ بھتر ۽ اھڙن سوچن کي پاڻ کي آزاد رکي سگھون ٿا. پر، اھو سڀ ڪجهه پاڻ تي ئي مشتمل ۽  منحصر آهي ته اسين  پنھنجي ڪھڙي سوچ جي واڌويجھه ڪرڻ چاھيون ٿا. مستقبل ۾ ھلڻ لاءِ وڌيڪ لکندس جيئن پڙھندڙن جي زندگيءَ ۾ ڪجھه بھتري ٿي سگھي.

 

تانيه سليم/حيدرآباد

ڇا پي ٽي آءِ تي قاتلاڻي حملي کانپوءِ عمران خان ڌرڻو ختم ڪري سگھي ٿو

 

گجرانوالا واري علائقي وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي جلسي تي ٿيل قاتلاڻي حملي جا ڪير ذميوارٿي سگھن ٿا اھو تھ جاچ ٿيڻ کانپوءِ بتو پئچي سگھي ٿو ليڪن جمھوري حق ھر سياسي پارٽي ادا ڪري سگھي ٿي. جھڙي انداز سان قاتل فائرنگ ڪري ايڏي وڏي جرئت ڪئي آھي اھو اڪيلي سر ھڪ ماڻھو نٿو ڪري سگھي ۽ جوابدار ڪيڏي دل ٻڌي حملو ڪيو آھي سو تھ  سوچ ۾ نٿو اچي. ڇو تھ ڌرڻا ھڻڻ جمھوري يعني اظھاري آزادي آھي جيڪو ھر ننڍي کان وڏي ماڻھو توڙي سياسي پارٽي جو حق بڻجي ٿو. انھي کان ڪنھن کي روڪي نٿو سگھجي. سياسي اڳواڻ جيڪا حملي کان پھرين ھڪ ٻئي خلاف ٻولي استعمال ڪندا رھيا آھن اھو رڪارڊ سڀني جي سامھون آھي ڪڏھن انھن سياستدانن جي زبان ترڪي ويندي آھي جڏھن اھي ھڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ ڳالھائڻ شروع ڪندا آھن. ان وقت نھايت افسوس ٿيندو آھي اھڙي ڪريل ٻولي تھ ٻھراڙي جو اڻ پڙھيل ماڻھو بھ استعمال ڪرڻ کان  پھرين سو دفعا سوچي ڳالھائيندو پر ھتي ملڪي سياستدان ڪرسي جي لالچ ۾ ھڪٻئي خلاف گھڻو ڪجھه ڳالھائي وڃن ٿا. خير اھو تھ انھن سياسي ڀوتارن جو پنھنجو مسئلوآھي ليڪن سڄو ڏوھ  عوام جو آھي جيڪو ھنن کي ووٽ ڏئي اھڙي ٻولي ڳالھائڻ تي مجبور ڪري ٿو. اسان جيڪر ھنن سيا ستدانن جو احتساب ووٽ ذريعي ڪري ڇڏيون تھ پوءِ يقينن تبديلي اچي سگھي  ٿي ۽ اھڙا حملا ڪرڻ کان پھرين قاتل ھزار ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿي سگھن ٿا. سياستدان اھڙي ٻولي ڳالھائي ملڪ دشمن قوتن کي موقعو فراھم ڪن ٿا ھنن کي عوام جي تڪليفن ۽ اھنجن جو ڪوبھ فڪر ناھي ھوندو. ھن وقت ملڪ ۾ غربت آھي ملڪ جا ڪجھه صوبا اڃا تائين برساتي آفتن کي مس منھن ڏئي رھيا آھن تھ مٿان وري احتجاج ۽ ڌرڻا شروع ڪيا ويا آھن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي جوابدارن سان ڪنھن بھ قسم جي رعايت نھ ٿيڻ گھرجي. جوابدارن کان مڪمل جاچ يڻ کپي ڪٿي ايئن نھ ٿئي جو ھي پا ڻ ۾ ڄنڊا پٽ ۾ لڳي وڄن ان جو فائدو وري ڪنھن ٻاھرين قوت کي ملي وڃي. اسان ملڪ جي وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف، سپريم ڪورٽ توڙي آرمي چيف کان مطالبو ڪيون ٿا تھ ھن واقعي جي شفاف انڪوائري ٿيڻ گھرجي ۽ واقعي بابت پاڪستاني عوام آڏو حملي جون حقيقتون سامھون آنديون وڃن  تھ جيئن  حملي آورن جو اصل چھرو سامھون اچي سگھي ڇوتھ جڏھن بھ ڪو سياسي اڳواڻ ڌرڻن جو اعلان ڪندو يا روڊن ۽ شھرن جو رخ ڪندو آھي انھي مٿان اھڙا قسم جا قاتلاڻا حملا جنم وٺڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ سياستدانن ھڪ ٻئي تي حملي جا الزام ھڻڻ ۾ رڌل ھوندا آھن. اسان پي ٽي آءِ سربراھ  عمران خان مٿان ٿيل حملي تي  ڏک  ۾ شريڪ آھيون. ايئن نھ ٿيڻ گھرجي ھا ڇا ھن واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين ڌرڻي جو اعلان واپس وٺي سگھي ٿو سو ايندر وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو.

 

گل بيگ چانگ

سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ڏانهن خط

 

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ نوَن ماسترن جو ڀرتي وارو عمل جنهن تيزي سان اوهان هلايو آهي، يقينن اهو قابل تعريف عمل آهي. اوهان جي ڪاوشن جي ساراهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. تعليم کاتي ۾ نوَن ماسترن جي ڀرتي واري عمل ۾ اهو به انڪشاف ٿيو هو ته ٻين صوبن جا ڪيترائي اميدوار صوبي سنڌ ۾ ماستري جا آفر ليٽر وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. اوهان ان مسئلي جو ترت نوٽيس ورتو ۽ جن اميدوارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا پتا ٻين صوبن جا هئا، اوهان انهن اميدوارن جا جاري ڪيل آفر ليٽر روڪرايا، ته جيئن انهن اميدوارن جي تعليمي ڪاغذن جي چڱيءَ طرح جاچ پڙتال ڪري، پوءِ جيڪي حقدار اميدوار آهن، انهن کي آفر ليٽر ۽ جوائننگ آرڊر ڏنا وڃن. تقريبن ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ اھڙا اميدوار هئا جن جا آفر ليٽر روڪيا ويا. انهن منجهان آئون به هڪ آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر لسٻيلا ضلعي جو آهي. آئون 20 جولاءِ تي DG HR&T جي جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ٿيس. ان کان پوءِ ٽن مهينن جي طويل انتظار کان پوءِ 27 سيپٽمبر تي ڪراچي ويس. DG HR&T جي آفيس ۾ وري ٻيهر تعليمي ڪاغذن جو هڪ سيٽ تصديق ڪرڻ لاءِ جمع ڪرايم. ڪلارڪن جي چوڻ مطابق ته هڪ هفتي اندر لسٽ ۾ اوهان جو نالو ايندو. انهي هڪ هفتي کي هڪ مهيني کان مٿي وقت گذري چڪو آهي. پر منهنجو نالو لسٽ ۾ اڃا تائين ڪونه آيو آهي. اوهان کي مؤدبانه گذارش آهي ته ميرٽ جي بنياد تي ڪاغذن جي تصديق وارو عمل مڪمل ڪرايو. ڇاڪاڻ ته هينئر PST ۽ JEST جو ٻيو مرحلو هلي رهيو آهي ۽ آئون پهرين مرحلي ۾ PST ۽ JEST پاس ڪري چڪو آهيان. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، اڃا تائين منهنجي تعليمي ڪاغذن جي تصديق نه ٿي سگهي.

 

انجنيئر گلاب مري/ ڳوٺ گل بيگ مري، ضلعو شهيد بينظير آباد

ڌيئر ڇو ٿي ڄڻين ….؟ پٽ پيدا ڪر نه ته مري وڃ

 

هن جو نالو ته انيتا هو پر ننڍپڻ ۾ مائٽ لاڏ ڪوڏ وچان هن کي اَنو ڪري سڏيندا هئا. اھا انو اسانجي ڳوٺ جي هئي جيڪا پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رانديون ڪندي وڏي ٿي هئي. غريبي حال هوندي به انيتا جو پيءُ ڪاڪو سوريو  مينگهواڙ پنهنجي ٻارڙن جي تربيت ۾ وسان ڪين گهٽايو. اسان جي ڳوٺ مان  انيتا جهڙوڪ ٻاروتڻ جي وهي ۾ ئي ڀاءُ جي بدي ۾ مائٽن جي مرضي سان پرڻجي وئي. جنهن کي پهرين ته ساهراڻي گهر مان خوب پيار ملڻ تي خوشگوار زندگي گذارڻ جي شروعات ٿي پر جڏھن پهرين نياڻي جي پيدائش ٿي هن  جي ساهراڻي آڪھه جا منهن خراب ٿيا جيئن جيئن وقفي وقفي سان قدرت طرفان هن جي جهولي ۾ نياڻين جو اولاد ايندو ويو تيئن  تيئن انيتا جي زندگي زهر ٿيندي وئي. مائٽ بار بار هن کي طعنا ڏيندا رهيا ته اسان کي پٽ پيدا ڪري ڏي. انيتا اهڙن سوالن جا جواب ڪٿ ڳولهي ها؟ جن جا جواب ممڪن ئي نه هئا  اهڙي ريت انيتا  مسلسل بيوسين جي حالتن ۾ ڀٽڪندي رهي هاڻي ته روز جو تشدد هن جي زندگي جو معمول بنجي ويو  تنهن انيتا جي گذريل آچر جي شام اچانڪ هن جو موت ٿي ويو ۽ هوءِ هميشهلاءِ هلي وئي.

 

وفايارمحمد شر/ سنڌڙي

 

سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻلاءِ ايف آءِ اي کي اختيار!

 

تيزي سان وڌندڙ ڊجيٽلائزيشن گهڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. جنهن مان هڪ مسئلو تيزرفتاريءَ سان ڦهلجي ويندڙ غلط ۽ ڪوڙي معلومات به آهي. سوشل ميڊيا سوشل پليٽ فارم آهي. فيس بڪ ٽيوٽر جهڙي پليٽ فارم کان گهڻي قدر ڪوڙي ۽ غلط معلومات ڀري وڃي ٿي جيڪا سياسي بنيادپرستي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن کان پاسو ڪيو وڃي ته بهتر ڳالهه چئبي. فيس بڪ ڪمپني پنهنجي سالانه رپورٽ ڪميونٽي اسٽينڊرڊ انفورسمنٽ رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو. رپورٽ ۾ لکين اهڙيون پوسٽس ڏٺيون ويون جيڪي ڪوڙ ۽ افواهه تي ٻڌل هيون، جنهن باري ۾ فيس بڪ جي دعوى آهي ته اهي پوسٽون جن جو مقصد ماڻهن کي غيرمناسب رويي طرف اڪسائڻ ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ هو. فيس بڪ پنهنجي پليٽ فارم تي نفرت آميز ۽ افراتفري پيدا ڪندڙ شين جي اجازت نٿو ڏي. سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن جي ذاتي زندگي کي نقصان ٿيو وڃي. سوشل ميڊيا تي ڪجھه شيون اهڙيون اچن ٿيون جن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. اڪثر بيشمار پوسٽون ڏٺيون وينديون آهن. جيڪي فيس بڪ استعمال ڪندڙ ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا هوندا. جن پوسٽن ۽ خبرن جو سري کان ڪو وجود ئي ڪونه هوندوآهي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هونديون آهن جنهن ۾ نفرت آميز مواد شامل هوندو آهي. خبرون سازشي نظرين تي يقين رکڻ، الزام تراشيون ڪرڻ ۽ دل دماغ کي ڇيهو پهچائڻ وارن ماڻهن جون هونديو آهن. هن وقت ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻلاءِ قانون ۾ ترميم ڪري ايف آءِ اي کي وڌيڪ اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق اعتراض جوڳو مواد رکندڙنلاءِ قانون ۾ ست سال قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميمن جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ تعذيرات پاڪستان جو قلم 505 به شامل ڪيو ويو آهي. پارليامنٽ مان منظوري وٺڻ بعد ايف آءِ اي اهڙي قانون تي عمل جي مجاز هوندي جيڪا ڪنهن به ڪوڙي افواهه تي ٻڌل خبر رکندڙ ڪنهن به ماڻهو خلاف ڪاروائي ڪر سگهندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فيس بڪ سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ وقت اهڙو مواد يا پوسٽ لوڊ ڪرڻ کان پاسو ڪجي جنهن باري ۾ اوهان کي يقين هجي ته اهو ڪوڙ ۽ افواهه تي ٻڌل آهي جيڪو افراتفري مچائيندڙ ۽ نفرت آميز آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ماڻھو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج

 

ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ اچي بوءِ بهار جي.

مينھن پڄاڻا مٽي مان اٿندڙ مھڪار سان ڀيٺٽيون يا بھارون گل گلزار چئون ھُو شخصيت ڪنھن کان به لڪيل ڪونه آھي. جيئن چنڊ ڪڪرن ۾ لڪي لياڪا پائيندو آهي ۽ پنهنجي چانڊاڻ سان جڳ جرڪائيندو آھي ھر ماڻھو جي نگاهه بي ساخته چنڊ تي پوندي آهي ھن سنڌ جي شھڪار محبوب مٽي ڪيترين ئي عظيم ۽ اعليٰ گڻن وارين مھان ھستين کي جنم ڏنو آهي انھن مان خانصاحب عبدالڪريم پلي صاحب به ھڪ ھو. شاعر اديب زميندار راڄن جو راڻو چڱو مڙس ڏاھو سياستدان ٿي گذريو، بحثيٽ ھڪ زميندار اھي سڀ ئي ڪم ڪار سنڀالڻ ھر ڪنھن وڏيري جي وس جي ڳالھه ناھي سندس زندگي ھڪ سادگي جو مثال ٿي گذري. ھڪ ڀيرو جنھن سان به ملاقات ڪئي ڪريم پلي تنھن کي خريد ڪري ڇڏيو. ڪچھرين جو ڪوڏيو ڪريم سدائين خوش مزاج صفا سادو بظاھر قد جو ڇوٽو پر علم ادب فن فڪر سان مالامال قدآور شخصيت اعليٰ بصيرت ڇا ته ملڻو ۽ کلڻو ھو: وساريان نه وسرن.  غريبن جو همدرد، ناري جو نواب سحر انگيز شخصيت جو مالڪ

ڪيا سانگ سانوڻ وري ڙي وري

چڪيا چاڪ ٿي دل چري ڙي چري

سانوڻ جا سانگ ڏسي سندس اکيون اشڪبار ٿي وينديون ھيون. پنھنجي شاعري ۾ محبوب کي ڪڏھن به بيوفا چئي نه پڪاري ٿو. سندس ڪافيون لاجواب آھن ھو ھزارين درد دل ۾ رکي لوڪ کان لڪائي شاعري ۾ خوبصورتي سان تخليق ڪري ٿو.

دردن دل آزاري سائين

ڪر ڪا موٽڻ واري سائين

سوين سور اندر رکڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندڙ ڪريم پنهنجي دلربا سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته:

ھيڪر جي گڏجن ته چوان سور اندر جا ساري ساري

ھجر وارن جي حوصلا افزائي ڪندي شاعري جي خوبصورت احساس سان منڊي تي ٽڪ جيان جڙي ٿو:

ھجر ۾ زار زار نه رو

روئي ڍئو ڪر بار بار نه رو

ڪريم جي شاعري خاص ڪري ڪافيون لاجواب لکيل اٿس

گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا

تنھن دؤر ۾ عبدالقادر جوڻيجو چواڻي اوطاق ھلندي نه پر وھندي ھڪ دؤر ھو سخاوت جي حوالي سان توڙي علم ادب لحاظ سان اوطاق مشھور ھئي. ڪيترائي سنڌي وڏا وڏا فنڪار ھن سخي سلطان وٽ ايندا هئا. موسيقي جون خوبصورت محفلون مچنديون ھيون رنگين رھاڻيون رچنديون ھيون. 4 نومبر 1991ع تي ساري سنڌ کي سوڳوار ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. سندس شاعري جا ٻه ڪتاب آھن ڪيا سانگ سانوڻ وري ڙي وري ۽ ٻيو چنڊ جھڙا پرين. ڪريم پلي سنڌ کان وڇڙي کي ڪي ورهيھ ٿي ويا آھن پر لڳي ائين رهيو آهي ته ھينئر ھينئر وڇڙيو آهي. سندس ورسي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

 

باغي راشد ڪوٽڙيو/ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو ٿرپارڪر

 

ميار ڪنهن تي ڏجي

 

ڄامشوري جو هوائن تي لکان يا بي گهر بکايل مسڪينن جي آهن تي لکان يا هن مفلوج معاشري جي جبر، ڏاڍ ۽ ظلم تي لکان. يقينن منهنجيلاءِ اهو فيصلو ڪرڻ تمام مشڪل هو. جيئن هڪ ماءُلاءِ اهو تمام مشڪل هوندو آهي ته  گهر ۾ موجود هڪ ئي ماني هجي ۽ پنهنجي چئن بکايل ٻارن مان ڪنهن هڪ کي ڏيڻي هجي. خير! منهنجي قلب جي حرارت خاموش رهڻ نه پئي ڏنو. بدقسمتيء سان اسان ان معاشري جو حصو آهيون جتي اسان هڪٻئي سان ڊجيٽل ميڊيا جي ذريعي ته ڳنڍيل آهيون پر حقيقت ان جي بلڪل برعڪس آهي. جتي سوشل ميڊيا پنهنجو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ جو هڪ ذريعو آهي اتي ئي سوشل ميڊيا چاپلوسي جو اڏو بڻيل آهي. اڄ پوري سنڌ زير آب آهي هزارين ماڻھون بي گھر ٿي رستن تي رهڻ تي مجبور آهن پر افسوس! اسان جي ڪن تي جونءِ به نٿي سري. حڪومت جي طرفان  ڌرتي ڌڻين جي ڪا واهر نٿي ڪئي وڃي، اگر جي ڪٿان ڪا رقم يا راشن ملي ٿو ته اهو  بااثر ماڻھو ۽ انهن جا چاپلوس ڦٻايو وڃن. انهي بيوسي جي شڪار هڪ مسڪين مون کي ٻڌايو ته “ڪجھ ماڻهو منهنجي در تي راشن کڻي آيا هئا سندن هٿن ۾ ڪيمرا پڻ موجود هئا جنهن کي کي ڏسي مون راشن وٺڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن  ته ان وقت مون کي راشن جي تمام گھڻي ضرورت هئي. “جيءُ کي جهوريندڙ اهڙا ڪيترا ئي واقعا هر روز اسان جي معاشري ۾ جنم وٺن ٿا جيڪي اسان جي معاشري جو هڪ بدنما چھرو نمايان ڪن ٿا. هڪ اهڙو معاشرو جنهن ۾ تنقيد براءِ اصلاح نه پر تنقيد فقط مذاق اڏائڻ هجي ۽ تعريف فقط چاپلوسيلاءِ هجي ۽ تعريفن جا حقيقي حقدار فقط مايوسين جي ور چڙهيل هجن ته ان معاشري جو مستقبل ڇا هوندو؟؟؟ جتي هر شخصيت مايوس، پريشان آهي، اڄ به هن ديس تي پوپٽ اڏرن ٿا، ڀونئر جي  ڀڻ ڀڻ گونجي ٿي ۽ گلن پنهنجي خوشخبو جا در اسان تي بند ناهن ڪيا جيڪي يقيناََ هڪ خوشحال ۽ بهتر معاشري جي علامت آهي.هي معاشرو اسان سان ئي آهي ۽ اسان کي ئي هن معاشري جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ذاڪر حسين ڪوري