پرتشدد احتجاج ڪنهن جي به حق ۾ ناهي

0
147
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هن وقت سڄو ملڪ هڪڙي سياسي غير يقيني واري صورتحال ۾ ڦاٿل آهي جڏهن ته اهو به خطرو آهي  ته صورتحال ڪهڙو به رخ اختيار ڪر ي سگهي ٿي .عمران خان جي لانگ مارچ تي حملي ۽ ان ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن جي زخمي  ۽ هڪ نوجوان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا آهن.عمران خان تي حملي جو الزام جتي پي ٽي آءِ اڳواڻ وزيراعظم،گهرو وزير ۽ حساس اداري جي هڪ آفيسر تي لڳائي رهيا آهن اتي پوليس طرفان جاچ وري ٻيو ڪجهه ظاهر ڪري رهي آهي جنهن ۾ خاص ڪري گرفتار ڪيل جوابدار جو اعترافي وڊيو بيان آهي جنهن مان اهو واقعو  ڪنهن مذهبي انتهاپسند جي ڪارروائي لڳي رهيو آهي،واقعو ڪيئن به ٿيو هجي ان جي حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ صاف شفاف جاچ ضروري آهي.ڪالهوڪي ڏينهن تي پي ٽي آءِ ڪارڪن ۽ عمران خان جا همدرد واقعي خلاف پاڻمرادو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نڪري آيا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ رات دير سان حملي کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان عوام کي احتجاج جاري رکڻ جو سڏ ڏنو آهي جڏهن ته اهو به چيو آهي ته هو جيئن ئي ٺيڪ ٿيندو اسلام آباد پهچڻ جو سڏ ڏيندو .

عمران خان جي ڪنٽينر تي حملي کانپوءِ اهو بحث هلي رهيو هو ته اهو لانگ مارچ جاري رهندو يا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو،جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ اهڙو بيان به ڏئي چڪا هئا ته لانگ مارچ جاري رهندو جنهن سان اهو خطرو پيدا ٿيو ته ههڙي جذباتي صورتحال ۾ جتي اڳ ئي هڪ اهڙو واقعو ٿي چڪو هجي جيڪڏهن اهو مارچ جاري رهيو ته اڃا به ڪو وڏو يا اڻوڻندڙ واقعو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪنهن به ريت ملڪ،نظام يا جمهوريت لاءِ فائديمند نه ٿيندو پر عمران خان جي خطاب کانپوءِ اهو ته واضح ٿي ويو آهي ته اهو لانگ مارچ هاڻي جاري نه رهندو جيڪو هن صورتحال ۾ بهتر  ۽ دورانديش فيصلو ئي سڏبو،  باقي ڳالهه رهي  احتجاج جي سڏ جي ته هر سياسي ڌر جو حق آهي ۽ خاص ڪري اهڙي پارٽي جنهن جي اڳواڻ کي نشانو بنائڻ جي ڪوشس ڪئي وئي هجي ان کي احتجاج کان روڪي نه ٿو سگهجي پر جيڪڏهن اهو احتجاج آئيني حدن ۽ پرامن طور ٿئي ٿو ته ان کي طاقت سان روڪڻ هر حوالي سان غير جمهوري عمل هوندو پر جيڪڏهن ڪير انهي احتجاج جي آڙ ۾ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث ٿئي ٿو ته اهو نه صرف ملڪ ،جمهوريت ۽ نظام سان مخلص ناهي پر ان پارٽي سان به مخلص ناهي جنهن جي نالي تي اهو احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ عام ماڻهن جي جان مال  ۽ سرڪاري ملڪيتن جي حفاظت ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي. سڄي ملڪ ۾ته نه پر پنجاب جي لاهور شهر ۾ اهڙو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو آهي جتي سرڪاري ملڪيتن ۽ خاص ڪري گورنر هائوس کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته اتي پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جي حڪومت آهي ته اها انهن جي ذميواري آهي ته پنهنجي حڪومت هوندي پنهنجي احتجاج کي پرامن رکڻ جي ڪوشش ڪن ڇو ته اتي پوليس انهن جي ڪنٽرول ۾ آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ڪي ڌريون جيڪي ملڪ ۾ انتشار پکيڙن چاهين ٿيون اهي ان موقعي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿيون انهن جي خواهش  هوندي ته اهو احتجاج پرتشدد بڻجي جيئن انهن جا مقصد حاصل ٿي سگهن،تنهن ڪري اها احتجاج جو سڏ ڏيندڙ پارٽي جي ذميواري آهي ته پنهنجي پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ وارن جي سازش کي ناڪام بڻائين ،ڇاڪاڻ ته ماحول اڳ ۾ گهڻو جذباتي ۽ سياسي طور گرم آهي ان کي ڪير به استعمال ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته حڪومت کي به گهرجي ته اها هروڀرو جي طاقت جو استعمال ڪري شهرين کي پنهنجي پرامن احتجاج کان روڪڻ جي ڪوشس نه ڪري، جنهن سان شهري يا سياسي ڪارڪن اشتعال ۾ اچي ڪو اهڙو قدم کڻن جنهن سان اهو احتجاج پرتشدد ٿئي.  پرتشدد احتجاج ڪنهن جي به حق ۾ ناهي اهو ٻنهي ڌرين لاءِ ئي نقصانڪار ثابت  ٿي سگهي ٿو.