پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي عمران خان ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، ٻئي ڏينهن به سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل جاري رهيو، حملي جي مذمت ڪئي وئي، واقعي بابت مختلف سوال اٿاريا ويا، شهيد بينظير ڀٽو واري واقعي کي به ياد ڪندي ان سان ڀيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گرفتار ٿيل جوابدار جي وڊيو بيانن تي به تبصرا ڪيا ويا، ان حوالي سان اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن قسم جي دهشتگردي انتهائي مذمت لائق آهي، هي شخص ڪير آهي، ڪنهن جي چوڻ تي هن فائرنگ ڪئي، ان بابت سمورا تفصيل سامهون اچڻ گهرجن، حڪومت جا سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت کي هر طرح سان هن واقعي جي تهه تائين پهچڻ گهرجي، غريده فاروقي ٽوئيٽ ڪيو ته عمران خان تي گوليون هلائيندڙ شخص محمد نويد ايم اين اي عالمگير خان جو گارڊ آهي، عالمگير خان جو موقف آيو آهي ته گارڊ محمد نويد غلطي سان گرفتار ڪيو ويو آهي پر اصل معاملو جاچ بعد ئي واضح طور سامهون ايندو، بعد ۾ غريده فاروقي لکيو ته نويد عالمگير جو گارڊ ناهي، سيد طلعت حسين لکيو ته پنجاب حڪومت، پنجاب پوليس، پنجاب انتظاميا، پنجاب انٽيليجنس، سڀني جي هوندي عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ، انتهائي قابل مذمت ۽ شرمناڪ واقعو آهي، زرتاج گل لکيو ته آئون مطالبو ٿي ڪريان ته چيف جسٽس صاحب ملڪ جي مقبول ترين اڳواڻ تي حملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، رانا ثناءَ جي ڌمڪين واري بيان کي سامهون رکيو وڃي، غضنفر عباس لکيو ته مبينا حملو ڪندڙ پي ٽي آءِ جو ئي ڪارڪن ٻڌايو پيو وڃي، فائرنگ دوران ڌڪو لڳڻ سان برسٽ ڪنٽينر تي لڳو، جتي عمران خان، فيصل واوڊا، احمد چٺا سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هوائي فائرنگ ڪندڙ ٻن شخصن کي حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.ڪامران خان لکيو ته عمران خان تي حملو جي وڊيو ۾ هڪ نوجوان قاتلاڻو حملو ناڪام بڻائيندي نظر اچي ٿو، اکين ڏٺن شاهدن موجب هڪ کان وڌيڪ حملو ڪندڙ ٿي سگهن ٿا.  امير حسن پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  عمران خان تي حملو سياسي عمل کي اڳ جيان ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ماضي ۾ به ڊيڄاريو ۽ ڪم وٺو تحت اڪثر سياسي اڳواڻن ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، عمران تي حملو قابل مذمت آهي، جنهن تي ذوالفقار علي سومرو لکيو ته سنڌين کي ھن جديد دؤر ۾ پٿرن ۽ لٺين سان ماريو ويو ان تي عمران خان ڪو ڏک جو اظهار نه ڪيو توهان ھنن جي جيھڙي تي ھيڏي مذمت؟؟ رجب بڪاري حملي جي مذمت ڪئي، رشيد احمد انصاري پوسٽ سان اتفاق ڪيو، مير اعجاز علي ڇلگري لکيو ته هي قومپرست سياسي اڳواڻ آھن سنڌ جا ، ٿورو رانڀونٽو ٿو ڪنهن وفاقي حڪمران کي لڳي ته هڪدم مذمت تي لهيو اچن، نعمان کوسو لکيو ته لڳي ٿو ايس يو پي ۽ تحريڪ انصاف اڳئي دفعي گڏيل حڪومت ٺاھيندا سنڌ ۾. غضنفر نظاماڻي لکيو ته ان مسئلي جي جلد کان جلد ڪاروايون ڪري انھن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، وقار ڪوري لکيو ته سياسي عمل اڳ جيان ڪنٽرو ڪرڻ جي ڪوشش، ان جملي مطابق اوھان سياست يا سياسي فردن کي آزاد سمجھو ٿا ؟؟ اڪرم کوسو لکيو ته هي حملو پنجابين ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ آھي هن ۾ مظلوم قومن جو ڇا وڃي اسان جو انهن جي جهيڙي ۾ ڇا وڃي؟ بلاول لکيو ته هئا اڳ ئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا، محمد عرس ڪيهر به ردعمل ڏنو، انجنئير ڪبير احمد پنهور لکيو ته اوھان سنڌي ماڻهن وٺي عمران کي آسمان تي چاڙهي ڇڏيو آهي سمجھه ۾نه ٿو اچي، مير حسن سمون حملي جي مذمت ڪئي، مظهر علي لکيو ته عمران خان زنده آباد، آڪاش مهيشوري لکيو ته سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، لطف علي سمون لکيو ته حيران ڪندڙ حملو آهي هيٺان ٻارهن فوٽ مٿي ڪنٽينر تي بيٺلن جي ٽنگن ۾ گوليون ڪيئن لڳيون؟ جڏهن ته ڪنٽينر تي بيٺلن جو ٽنگون لڪل هونديون آهن. ڪاشف علي سومرو لکيوته بي حس قوم جو خيرخواھه ٿيڻ به خودڪشي ڪرڻ برابر آهي. (چي گويرا) نثار پنهور، به ردعمل ڏنو، وڪرم سنگهه سوڍا لکيو ته ڪڏھن ڪڏھن فيس سيونگ لاء به نمونا ڪرڻا پوندا آهن، هارون سنڌيار، ڀائيخان ڪنڀر به ردعمل ڏنو، اياز حسين لکيو ته اڳ جيان ڇا مطلب ؟ توهان ته اڄ تائين ڪنٽرول ۾ آهيو، مجتبيٰ جوکيو، امير ڏاهري، ڊي ايم دلواڻي، جمع گل خان به ردعمل ڏنو، احسان مري لکيو ته گوجرانوالا پنجاب جو شهر آھي ۽ پنجاب ۾ حڪومت به پي ٽي آءِ جي آھي، عمران خان جي حفاظت لاءِ سندس صوبائي سرڪار فُول پروف انتظام ڇو نه ڪيا؟ محترمه جي قتل دوران به پرويز الاهي وڏو وزير هو ۽ عمران تي ٿيل حملي وقت به پنجاب جي وڏ وزات پرويز الاهي وٽ آھي، وفاقي سرڪار هن سازش کي وائکو ڪرڻ لاءِ جامع جاچ ڪري رپورٽ پڌري ڪري ڇو ته جوابدار جو اعترافي بيان هزارين سوالن کي جنم ڏئي رهيو آھي، عبدالرحمان لکيو ته جوابدار جي ڪپڙن تي ڌيان ڪريو، پهريان ۽ پوءِ ٻيا لڳن ٿاھارون سنڌيار، غلام عباس ڀرڳڙي، وقار شورو، علي شير، حفيظ ڪوري به پوسٽ تي ردعمل ڏنو. حامد مير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته پنجاب پوليس جي حراست ۾ موجود هن جوابدار کان بار بار مختلف بيان رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي پکيڙيا پيا وڃن، وزيراعليٰ پنجاب ان سلسلي کي بند ڪرائي. ڊاڪٽر شهباز گل لکيو ته عمران خان هن قوم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو، خدانه خواسته ڪالهه عمران کي شهيد ڪرڻ جو پورو انتظام ڪيو ويو هو الله کيس بچايو، هاڻي قوم کي عمران جو قرض لاهڻو آهي هاڻي قوم کي نڪرڻو آهي.وينا ملڪ لکيو ته عمران احمد خان غازي، شاهد آفريدي لکيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. عارف حميد ڀٽي لکيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي شرمناڪ قاتلاڻي حملي کانپوءِ مبينا جوابدار جي سازشي وڊيو بيانن بعد حملو ڪرائيندڙن جي طاقت جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي، الله ملڪ ۽ قوم تي رحم ڪري، عمر چيما لکيو ته ڪوئي سياسي ليڊر ايئن نه پئي ڪري سگهيو جيئن عمران خان ڪري ڏيکاريو، حملو ان صوبي ۾ ٿيو جتي پنهنجي حڪومت آهي پنهنجي سيڪيورٽي آهي ۽ الزام وفاقي حڪومت تي هنيو آهي. عمران نظير جلد صحتيابي جي دعا ڪئي، رياض کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان تي حملو ڪندڙ دهشتگرد گرفتار ڪيو ويو آهي، ثنا بچا لکيو ته ۽ اڃا به سوال ڪيو پيو وڃي ته ڇا انتشار پکيڙڻ مقصد هو، عاصمه شيرازي لکيو ته انتشار…فائدوڪير کڻندو؟  حسين منصور لکيو ته لانگ مارچ ختم ڪرڻو هو فائرنگ ته رڳو بهانو آهي، شمع جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب جي چوڌرين ڪپتان جي ڪارڪنن کان وفاق جي گورنر هائوس تي حملو ڪرائي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وفاقي پوليس تي حملو ۽ پوليس جي جوابي شيلنگ، ڪپتان اهو ئي ته چاهي پيو،  سائين بخش لغاري پوسٽ شيئر ڪئي ته جن جي اندر جا آئينا چمڪدار ھجن، انھن جا مقدر ڪڏھن به ڌنڌلا ناھن ٿيندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ وحشي درندي جو بيان ٻڌو پاڻ تبصرو ڪري سوچ سمجهه مان اندازو لڳايو ته ڪيترو خوف ٿو ڪري جوابدار ڪيترو ڪمزور پيو لڳي هي هڪ سازش تحت حملو ٿيل آهي جن م گهڻي ڀاڱي تائين حڪمران ۽ ڪجهه سازشي ادارا شامل آهن جنهن دهشتگرد فائرنگ ڪئي انهي جي چھري ۾ ڪوبه خوف وغيره نه پيو ٿئي انهي مان صاف ظاهر آهي ته عمران خلاف وڏي سازش پئي هلي وقت تي ٻڌائيندس جيئن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي شھيد ڪيو ويو تيئن عمران خان خلاف وڏي سازش پئي هلي ڇوته پاڪستان م ايماندار ليڊر کي ڦاهي چاڙهيو ويندو آهي يا ماريو ويندو آهي عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ملڪ ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿيندي.