ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ گروپ اي ۾ نيوزيلينڊ آئرلينڊ کي 35 رنز تان شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ان سلسلي ۾ نيوزيلينڊ ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنز ٺاهيون. ڪين وليمسن 61، فن ايلن 32 ۽ ڊيرل مچل 31 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان جوش لٽل 3 ۽ گريٿ ڊليني 2 وڪيٽون ورتيون. آئرلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنز تائين محدود رهي. آئرلينڊ طرفان پائل اسٽرلنگ 37 ۽ اينڊي بيلبريني 31 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان لوڪي فرگسن 3، ٽم سائوٿي، مچل سينٽنر ۽ اش سوڌي 2-2 وڪيٽون ورتيون. ڪيويز ڪپتان ڪين وليمسن کي 35 بالن تي 61 رنز جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح نيوزيلينڊ گروپ اي ۾ 5 ميچن مان 3 ميچون کٽي ۽ هڪ بنا نتيجي ختم ٿيڻ سبب 7 پوائنٽن سان رن ريٽ جي حساب سان ٽاپ تي رهي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ٻي ميچ ۾آسٽريليا ننهن چوٽيءَ جي مقابلي بعد افغانستان کي 4 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنز ٺاهيون. افغانستان مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنز ٺاهيونراشد خان 23 بالن تي 48 رنز جي ناقابل شڪست جارحاڻي اننگ کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. ميڪس ويل کي 54 رنز جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.