پنج سيڪريٽريز جي بدلين جي سفارش رد

0
184

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 20هين ۽ 21هين گريڊ جي 5سيڪريٽرين جي بدلين لاءِ ڪيل سفارش رد  ڪئي وئي آهي

20هين ۽ 21هين گريڊ جي 5سيڪريٽرين جي بدلين لاءِ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ماحوليات، ناڻي، ورڪس اينڊ سروسز ۽ جھنگلي جيوت توڙي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري کي تبديل ڪرڻ بابت سفارش رد ڪئي وئي

وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري 21هين  گريڊ جي حسن نقوي کي بدلي ڪري ناڻي کاتي  ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ واري سفارش رد ڪئي وئي

ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي کي لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر  ڪرڻ واري سفارش به رد ڪئي وئي

جھنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽري نجم شاھه کي بدلي ڪري ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ مقرر ڪرڻ واري سفارش منظور نه ٿي

 ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري نواز سوهو کي بدلي ڪري جھنگلي جيوت کاتي ۾ مقرر ڪرڻ واري سفارش به رد ڪئي وئي

 ماحوليات کاتي جي سيڪريٽري آغا واصف کي بدلي ڪري کيس نگران وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي به منظوري نه ملي