حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان محمد نواز شريف جي سڀاڻي لاهور پهچڻ تي اڄ سنڌ مان منجهند 12 وڳي ڪراچي ۽ 3 وڳي حيدرآباد ريلوي اسٽيشنن تان خاص ريل گاڏيون روانيون ٿينديون. ان ڏس ۾ ن ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه، ڊويزنل صدر خالد عزيز آرائين ۽ ٻين اڳواڻ ريلوي اسٽيشن تي منجهدن اڍائي وڳي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندا.