پشاور (م ڊ) پشاور جي مقامي عدالت 8 ورهين جي ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪري ان جو لاش ساڙيندڙ جوابدار کي 3 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور جي چائلڊ پروٽيڪشن ڪورٽ جي جج حنا مهوش جنسي تشدد کانپوءِ ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پوليس ٻڌايو ته جوابدار آصف رضا عرف ملنگ 8 ورهين جي ٻارڙي کي جنسي تشدد کانپوءِ قتل ڪيو هو، جوابدار ٻارڙي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ان جو لاش به ساڙي ڇڏيو هو ۽ پوءِ سڙيل لاش قبرستان ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. پوليس موجب جوابدار خلاف بڍ بير ٿاڻي ۾ مختلف قلمن تحٽ ڪيس داخل هو، پوليس جاچ مڪمل ڪري عدالت ۾ چالان جمع ڪرايو هو. عدالت جوابدار تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 3 ڀيرا موت ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته 8 ورهين جي ٻارڙي جي قتل جو واقعو 18 نومبر 2020 ۾ پيش آيو هو.