اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڀائو خان پٺاڻ، ڏھ دري موري ۽ ٻين علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ  رڪارڊ ڪيو ويو آهي، سخت گرمي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن، ان حوالي سان   سليم ساگر ،سجاد سنڌي ،بابر ڪاڪا ،عبدالسلام گھانگھلو ،ايم نواز ڇٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سخت گرمي باوجود بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شڪايتن باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.