گڊو (ن پ ا) گڊو بئراج پل ۽ بچاءُ بندن جو ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿيڻ جو  ايم اين اي ڪشمور نوٽيس ورتو.  ايم اين اي سردار علي جان مزاري چيف انجنيئر گڊو بئراج ظھير احمد ميمڻ کي گڊو بئراج تي سڏائي ورتو، گڊو بئراج جي چيف انجنيئر ظھير احمد ميمڻ، گڊو بيئراج جي انجنيئر عديل سومرو، پٽ فيڊر ڪشمور ڊويزن جي انجنيئر گلبھار مزاري، بي ايس فيڊر جي انجنيئر فيروز ڊومڪي سان ملاقات ڪري تفصيل وٺڻ بعد آبپاشي آفيسر ڪيئمپ ۾ گڏجاڻي ڪئي،ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ايم اين اي ڪشمور گڏجاڻي ۾ گڊو بيئراج ، آبپاشي ڪالوني، بي ايس فيڊر، پٽ فيڊر سميت مختلف پلن، شاخن، ريگيوليٽرن سميت مڙني اسڪيمن لاءِ ايندڙ بجيٽ خرچ ڪرڻ تي زور ڀريو. رابطو ڪرڻ تي انجنيئر گڊو بئراج عديل سومرو ٻڌايو ته بجيٽ جي کوٽ سبب ڪافي مسئلا درپيش آھن، ايم اين اي ڪشمور سردار علي جان خان مزاري چيف انجنيئر گڊو بيئراج ظھير احمد ميمڻ ۽ ٻين اسان آبپاشي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪري گڊو بيئراج ۾ ايندڙ مختلف پُلن جو ڪم نه ٿيڻ، آبپاشي ڪالوني ۾ ناڪارھ ٿيل ڊرينيج سسٽم، ڪواٽرن جي مرمت ۽ ٻين اسڪيمن بابت ڄاڻ ورتي، اسين گڊو بئراج کي ھڪ نئين پل جي ضرورت ھجڻ سميت مختلف معاملن کان آگاھ ڪيوسين جنهن بعد اين ايم اي ڪشمور لکت ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري ڪري اسان کي نيون اسڪيمون وٺي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آھي،عرض محمد مزاري، آبپاشي ملازم مولا بخش پٺاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن گذريل ڪيترن ئي ورھين کان ڪو ڪم ڪرائڻ بدران اربين روپين جي بجيٽ ھڙپ ڪري مھا ڪرپشن ڪئي آھي، گڊو بيئراج توڙي بيئراج جي پيٽ مان نڪتل بي ايس فيڊر، پٽ فيڊر سميت گڊو بيئراج جي ھر ڊويزن ۾ ايندڙ بجيٽ ھڙپ ڪري ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪرڻ بعد فائلن جا پيٽ ڀريا ويا پر موقعي تي ڪاري وارا ڪک نظر اچي رھيا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي ڪالوني ڪرپشن سبب کنڊرات جا ڏيک ڏيئي رھي آھي، ورھين کان گڊو بيئراج جي پل جو مرمتي ڪم سست رفتاري سان ھلي رھيو آھي ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته بيئراج جي 65 گيٽن مان صرف 10 گيٽ تبديل ڪري انھن جي جڳھ تي لڳايل گيٽ به غيرمعياري آھن جيڪي ٿورو پاڻي جو دٻاءُ به برداشت نه ڪري سگھندا، جڏھن ته  رابطو ڪرڻ تي گڊو بئراج جي پل جو مرمتي ڪم ڪندڙ نجي ڪمپني ڊسڪون جي ايڊمن عبدالستار سومرو ٻڌايو ته ڪورونا سبب ڪم ۾ دير ٿي وئي آھي، پل جي ٻنھي پاسن کان بند ٻڌي گيٽ لڳائڻا ھئا پر بند نه ٻڌجڻ سبب ھاڻي آھستي آھستي مشين سان گيٽ لڳائي رھيا آھيون 10 گيٽ لڳي ويا آھن 15 گيٽن جو سِول جو ڪم مڪمل ٿيل آھي ھن وڌيڪ چيو ته گيٽ غيرمعياري نه آھن.