ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي لڳ مهراڻ هاءِ وي تي محمد شاهه اسٽاپ وٽ اڪري جي خانگي بينڪ مان پئسا ڪڍرائي واپس ايندڙ ڳوٺ حاڪم علي رتڙ واسي آبادگار بخت علي رتڙ کان3 نامعلوم هٿيار بند 8  لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، شهرين بخت رتڙ، عبدالستار رتڙ، امجد جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.