حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ بدامني، هڪ ئي ڏينهن ڦر ۽ چوري جا 4 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، نسيم نگر پوليس جو چوڻ آهي ته بچاءُ بند وٽان ھٿياربندن شھري احسن يوسفزئي کان 125 موٽرسائيڪل ۽ 3 ھزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي. جڏهن ته ڦورو قائد اعظم چوڪ روڊ تي مڪه پلازه وٽان شھري اسد ملڪ کان موبائل فون ۽ 2 هزار رپيا ڦري ويا آهن. اهڙي ريت اڻڄاتل ڦورن گهر ٻاهران بيٺل سحرش نگر جي رهواسي حسنين جوکيو کي يرغمال بڻائي کانئس موبائل فون ۽ 9500 رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي. ساڳئي ريت روينيو ڪالوني ويجهو جوڳي پارڪ وٽ قائم جاويد علي ڪانڌڙو نالي شهري جي گھر جا تالا ٽوڙي اڻڄاتل چور 10 لک رپين جي چوري ڪري ويا آهن.