شھدادڪوٽ(رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ، ڊڊيڪشن بل موڪلڻ، ايس ڊي او پاران شهرين سان بدتميزي ڪرڻ،  سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ  پرائيويٽ ماڻھن وسيلي وهنوار ھلائڻ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به شھرين منير بروهي، وزير کوسو، ذوالفقار مگسي، قاسم سومرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيپڪو جون ناجائزيون چوٽ چڙھي  ويون آھن،  سخت گرمي ۾ بجلي جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ٽرانسفارمر پرائيويٽ ماڻھن حوالي ٿيل آھن. جتان سيپڪو ملازم  ھر مھيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ايس ڊي او ذريعي حصو پتي ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته سخت ۽ شديد گرمي ۾ بجلي بند ھجڻ ڪري شھرين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي پر واپڊا عملدارن کي ڪو به رحم نه ٿو اچي. شھرين مطالبو ڪيو  ته سڙيل ٽرانسفارمرن جو نوٽيس وٺي بجلي جي ھٿرادو لوشيڊنگ ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي ڏنو وڃي .