ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسبو جي رهواسين شاگردن سان گڏجي اسڪول تائين روڊ لاءِ احتجاج ڪيو، ڳوٺاڻن سروڻ ميگهواڙ، لونگو ڏاجي، مڪيش، نرڀو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ ۾ روڊ ٺهي رهيو آهي پر ڪجهه بااثر اسڪول بدران پنهنجي اوطاقن تائين روڊ ٺهرائي رهيا آهن، پرائمري اسڪول تائين روڊ نه هئڻ سبب ٻارڙا مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن اپيل ڪئي ته اسڪول تائين روڊ ٺاهيو وڃي.