ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم پوليس گٽڪي ٺاهڻ جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، رپورٽ موجب سٽي پوليس ڳوٺ مٺو کوسو  ۾ ماوا گٽڪا ٺاهڻ جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي فيڪٽري مالڪن غلام مرتضيٰ کوسو ۽ غلام حيدر کوسو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب فيڪٽري مان 20 ڪلو تيار ٿيل ماوا گٽڪو، 175 پڙيون گٽڪو، 60 ڪلو چونو، هڪ کٿو ۽ ماوا گٽڪا ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته 2 شڪي موٽر سائيڪلون پڻ تحويل ۾ ورتيون ويون آهن، جڏهن ته ٻئي ڪاروائي ۾ سٽي پوليس 2 منشيات فروشن عبيد علي ۽ محمد اشرف جٽ کي گرفتار ڪري ورتو.