ڪنري (ن پ ا) ڪنري شھر جي بسم الله ٽائون ۾ زميندار چوڌري اشرف ولد لال دين آرائين جي بنگلي مان پنج هٿياربند ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا، متاثر زميندار چوڌري اشرف آرائين ٻڌايو ته 5 ٻٽ ٻڌل هٿياربندن فجر محل پاڻ سان گڏ آندل چاڙھي رکي بنگلي ۾ داخل ٿيا، هٿياربند تشدد ڪري هڪ لک روپيا روڪ رقم، ٻيو سامان ۽ موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي، کوجي ڪتا گهرايا ويا جيڪي ڪجھ مفاصلي تي جھڳي ۾ ويهي رهيا، فنگر ۽ جيو فرانزڪ ٽيم گھرائي وئي جنھن گهر ۾ موجود سامان جا فنگر ورتا ۽ جاچ ڪئي، ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جي سمورن رخن سان جاچ ڪريون پيا، جوابدار جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا.