پٿورو (ن پ ا) پٿورو گرهوڙ شريف روڊ تي ابڙا شاخ وٽ پوليس ڪارروائي ڪري منشيات فروش بنسي مالهي کي سفينا سوپارين جي پنجن ڪٽن سميت گرفتار ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، منشيات فروش بنسي مالهي گذريل ڪيترن سالن کان عمرڪوٽ ضلعي ۾ منشيات سپلاءِ ڪندو هو، پٿورو ٿاڻي جي ايس ايچ او عزيز راھمون جو چوڻ ھو ته ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي هدايت تي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون  جاري آهن، منشيات جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.