ڳاڙهو (ن پ ا) عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران 22 مئي “محبت سنڌ ريلي” جي شهيد ستار انڙ جي 12هين ورسي ڳوٺ دانڌاري ۾ ملهائي وئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ گوهر خان زئور ۽ ٻين ريلي جي صورت ۾ شهيد جي قبر تي پهچي گلن چادر چاڙهي، تقريب کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻن چيو ته ايم ڪيو ايم جي غنڊن پر امن محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري ستار انڙ سميت 14 قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو، هنن چيو ته ان موقعي تي مٺا خان لاشاري، ايوب انڙ، نوراحمد انڙ، بلاول لاشاري، درياخان، گوهر زئور، رزاق چانڊيو، الله بخش بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو.