ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ صحت کاتي پاران ڪورونا دوران ڀرتي ڪيل ملازمن ريگيولر نه ڪرڻ خلاف ڪالهه پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي انيلا،   محمد عباد ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪورونا دوران بيمار مريضن جي خدمت ڪئي، اسانکي گذريل چئن سالن کان ٽن ٽن مھينن جي ڪانٽريڪٽ تي رکيو وڃي ٿو،  وقت سر پگھار به نٿي ملي،  رڳو فڪس ٿيل پگھار ملي ٿي، اسان وڌندڙ مھانگائي جي ڪري پريشان آھيون، ھنن مطالبو ڪيو ته کين ريگيولر ڪيو وڃي.