حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سينٽرل جيل ۾ قائم ٽرائل ڪورٽ 12 سال اڳ قاضي احمد ۾ 7 ورهين جي نينگر سان ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي مجموعي طور 64 سال قيد ڀوڳڻ ۽ 21 لک 60 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سرڪاري وڪيل مجيب قادر ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٽينٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالستار قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار کي عمر قيد، نينگر سان ڏاڍائي واري ڏوهه ۾ به عمر قيد جي سزا جو حڪم ڏنو جڏهن ته عدالت نينگر جو لاش لڪائڻ ۽ کيس اغوا ڪرڻ واري ڏوهه ۾ جوابدار کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 2011ع دوران قاضي احمد پوليس جوابدار معشوق علي پٽ امام بخش ميتلو خلاف ڪرائيم نمبر 98/2011ع تحت نينگر کي اغوا ڪري ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ نينگر جي والد فريادي گل محمد خاصخيلي ڄاڻايو ته جوابدار معشوق ميتلي سندس 7 سالن جي پٽ وسيم خاصخيلي کي اغوا بعد بدفعلي جو نشانو بڻائي کيس گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش ڪيلي جي باغ ۾ ڦٽو ڪيو. عدالت پاران جاري تفصيلي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار کي قلم 302 پي پي سي قتل ڏوهه ۾ 25 سال قيد ۽ 20 لک رپيا وارثن کي خون بها طور ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽڻي پوندي جڏهن ته نينگر سان ڏاڍائي واري ڏوهه قلم 367 پي پي سي اي ۾ کيس 25 سال قيد ڀوڳي هڪ لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو ۽ ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 3 مهينا وڌيڪ جيل ڀوڳيندو. ايڊيشل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالستار نينگر جو لاش لڪائڻ واري ڏوهه قلم 201 پي پي سي ۾ جوابدار کي 7 سال قيد ۽ 30 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فيصلي موجب ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڪاٽيندو جڏهن ته عدالت نينگر کي اغوا ڪرڻ واري قلم 377 پي پي سي تحت جوابدار کي 7 سال قيد ۽ 30 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. سرڪاري وڪيل موجب ڄاڻايل ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ مهينو قيد ڀوڳيندو. سرڪاري وڪيل موجب ته عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته جوابدار 31 مئي 2011ع کان جيل ۾ آهي ان ڪري جيل ۾ گذاريل ڏينهن کيس مليل سزا ۾ شمار ڪيا ويندا.