اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ نواز جو اڳواڻ دانيال عزيز شڪر ڳڙهه ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آهي. ڀجنا واري علائقي ۾ دانيال عزيز جي گاڏي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ دانيال زخمي ۽ ٽرڪ ڊرائيور فوت ٿي ويو. دانيال کي زخم رسيا آهن ۽ سندس هڪ ٻانهن ڀڄي پئي آهي ۽ ٻي به زخمي آهي. ذريعن موجب دانيال عزيز پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو سندس گاڏي مڪمل تباه ٿي وئي کيس ڊي ايچ ڪيو نارووال منتقل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف دانيال جي گهرواري سان رابطو ڪري صحتيابي جي دعا ڪئي.