روم (م ڊ) اٽلي جي هڪ معذور همراهه پاران طبي طريقي سان آپگهات  جو انوکو واقعو سامهون آيو آهي. اٽلي ۾ ايٿڪس ڪاميٽي مان منظوري وٺڻ کانپوءِ خميس ڏينهن تڪليف ۾ مبتلا هڪ معذور اٽلي جي شهري طبي مدد ذريعي آپگهات ڪيو. طبي طريقي سان آپگهات جي اجازت لاءِ مهم هلائيندڙ لوڪا ڪوسيوني ايسوسيئيشن اعلان ڪيو ته مارچي جي علائقي سينيگاليا سان واسطو رکندڙ 44 ورهين جي فيڊريڪو ڪاربوني جو هڪ خاص مشين ذريعي موتمار دوا هڻڻ کانپوءِ موت ٿي ويو آهي. آپگهات ڪرڻ يا ان ۾ مدد ڪرڻ اٽلي ۾ غيرقانوني آهي پر عدالت 2019 ۾ فيصلو ڏنو هو ته برداشت کان وڌيڪ تڪليف ۾ ورتل ڪنهن اهڙي شخص جي مدد ڪرڻ غيرقانوني ناهي جيڪو پنهنجو فيصلو ڪرڻ جوڳو هجي.