اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي ڀر واري  علائقي پنڊوريان ۾ درٻار پير چن شاهه جي ميلي ۾ چوڏول ڪِرڻ سبب ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب واقعو تيز آنڌاري سبب پيش آيو، آنداري سبب جهولو ڪِري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.