لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت راولپنڊي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب حڪومت راولپنڊي ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. نوٽيفڪيشن موجب امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي خطري جو خدشو آهي، دهشتگرد عوامي هنڌن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي ۾ ريلي، ميٽنگ ۽ ٻين گڏجاڻين جي اجازت نه هوندي، چئن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻين تي مڪمل پابندي هوندي.