شھدادڪوٽ/قبو سعيد خان (نمائندن وٽان ) جھل مگسي ۾ ھٿياري ليويز پوليس ٿاڻي جي حد گندا واھ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ھٿياربندن ڄڃ سان ڀريل وين کي بيھڻ جو اشارو ڪيو.ڊرائيور پاران گاڏي نه روڪڻ تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45 سال جو ميرحسن ديناري، سندس پٽ 3 سال جو رضوان،40 سال جو عرض محمد، موتان خاتون زال نيازل ٿڏي تي قتل ٿي ويا.5 سال جو ثناءَ الله، 7 سال جو عطاءَ  الله، 22 سال جو نوجوان جمالدين ۽ 29 سال جو احسان الله زخمي ٿي پيا.ليويز پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.زخمين کي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال گندواھ ريفر ڪيو ويو.ھوڏانھن لاش ڳوٺ کاري پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.ليويز پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته جھل مگسي جي ڳوٺ کاري جا رھواسي ديناري جا ماڻهو اوستا محمد مان گهوٽ پرڻائي ڪنوار کي وٺي ڄڃ سان واپس ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته ڦر جي ارادي سان گندا واھ ۽ جھل مگسي روڊ تي بيٺل ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 چئن ھٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر جھل مگسي رحمت الله شاھ واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن سان ڏک ۽ ھمدردي جو اظهار ڪندي ليويز پوليس کي فوري طور ملوث ھٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.