لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان  فياض چوهاڻ چيو آهي ته پنجاب جي گذريل 10 سالن ۾ هر سال 10 ڪروڙ جي ڪرپشن ٿي، نواز ليگ تي تنقيد ڪندي هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ نوازشريف پنهنجي اولاد کان لا تعلقي ظاهر ڪئي، شهبازشريف شگر ملز ڪيس ۾ چيو ته منهنجو حمزا ۽ سليمان شهباز سان ڪوبه تعلق نه آهي، شهبازشريف کي مريم نواز تي اعتماد نه آهي، ايندڙ ڏيڍ سال ۾ شهبازشريف جا سمورا ڪيس منطقي انجام تي پهچندا.