واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن نائن اليون حملن جي جاچ بابت ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، انصاف واري وزارت ۽ ٻين ايجنسين کي دستاويز ظاهر ڪرڻ  جي جائزي جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر پاران حڪومتي جاچ جا ڳجها دستاويز ايندڙ 6 مهينن ۾ جاري ڪرڻ واري حڪمنامي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان آمريڪي صدر بائيڊن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 2977 بيگناهه ماڻهو بدترين تاريخي حملي ۾ مارجي ويا، اسان کي انهن جي خاندانن جو ڏک نه وسارڻ گهرجي.