ڪابل (م ڊ) طالبان جي پنجشير ۾ قبضو  سنڀالڻ جي دعويٰ بعد ڪابل ۾  هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا،ڪيترائي زخمي ٿي پيا، عالمي خبرون اداري موجب طالبان طرفان پنجشير ۾ فتح جي دعويٰ کانپوءِ ڪابل هوائي فائرنگ سان گونجي اٿيو، پنجشير فتح ڪرڻ واري خبر جي تصديق نه ٿيڻ باوجود طالبان لاڳيتو هوائي فائرنگ ڪري جشن ملهائيندا رهيا، مختف اسپتالن ۾ هوائي فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 17 ماڻهو مارجڻ ۽ 41 زخمي ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون، جڏهن ته طالبان 17 ڄڻا مارجڻ جي ترديد ڪئي، ٿوري دير بعد ميڊيا به پنهنجي غلط کي غلط قرار ڏيندي درستگي ڪئي، طالبان ڪابل ۾ 17 ماڻهو مارجڻ جي ترديد ڪندي چيو ته ڪابل ۾ ٿيل فائرنگ ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا آهن، 17 شهرين جي مارڻ جي خبر غلط آهي، ٻئي طرف امارات اسلامي جي چيف ڪمانڊر ملا محمد يعقوب هوائي فائرنگ ڪندڙن کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته هوائي فائرنگ بيت المال ۾ خيانت ڪرڻ آهي، آئنده جيڪڏهن ڪير فائرنگ ڪندو ته ان جو هٿيار ضبط ڪري کيس پڪڙي جيل ۾ وڌو ويندو.