اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽورز  ڪارپوريشن پاران سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 740 ملازمن جون نوڪريون ختم ڪيون ويون، 740 ملازم نوڪرين تان فارغ ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيف فنانشنل آفيسر کان برطرف ٿيل ملازمن کي ادا ڪيل رقم جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ تحت بحال ڪيل ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ کان علاوه انهن کي مليل مالي فائدن جي رڪوري به ڪئي ويندي.