ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ تعليم کاتي پاران  خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن جو ٻيهر جائزو وٺڻ ۽ استادن کي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار ڏيارڻ جو فيصلو، ان حوالي سان صوبائي  وزير سردار شاهه جي صدارت ۾ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو، خانگي تعليمي ادارن جي انسپيڪشن لاءِ ٽيمون جوڙي استادن کي ملندڙ پگهارن بابت پڇاڻو ڪيو ويندو،صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته خانگي اسڪولن جي استادن کي سنڌ حڪومت جي مزدورن لاءِ مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت جيترو پگهار ڏيڻ لازمي بڻايو ويندو، هن چيو ته خانگي اسڪول انتظاميا کي في جمع نه ڪرائيندڙ ٻار کي اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ جا اجازت نه ڏني ويندي، ان سان ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي، سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي يقيني بڻايو ويندو.