ڪراچي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريتي زنٽا پريانڪا چوپڙا جي خاص گالا ۾ جونيئر اين ٽي آر، جيڪولين فرنينڊز ۽ ملالا يوسف زئي سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن. گالا جي خوبصورت عورتن سان گڏ ڪجهه ٻيون تصويرون شيئر ڪندي پريتي لکيو ته پراڻن دوستن سان ملڻ کان وٺي نوان دوست بڻائڻ تائين، گذريل رات تمام گهڻي خاص هئي، هڪ آزاد، طاقتور ۽ باصلاحيت عورت کان وڌيڪ خوبصورت ڪابه شيءِ نه آهي. هتي انهن سڀني خوبصورت عورتن جي لاءِ آهي جيڪي هنن تصويرن ۾ آهن ۽ جيڪي پارٽي ۾ هيون. هن چيو ته مان انهن مان اڪثر گهڻين سان ڳالهايو، ڀوڳ چرچا ڪيا ۽ بلڪل بي وقوف ٿي ويس ۽ انهن مان هر هڪ کي پسد ڪيو، ڇوته حقيقي عورتون هڪ ٻئي سان مقابلو نه ڪنديون آهن، اهي هڪ ٻئي جي حمايت ڪنديون آهن ۽ هڪ ٻئي کي بااختيار بڻائينديون آهن ۽ گڏجي لطف اندوز ٿينديون آهن.