ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي والده 91 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماڌوري جي والده نهلاتا ڊڪشٽ ڪالهه صبح لاڏاڻو ڪري وئي. ماڌوري ۽ هن جي مڙس طرفان نهلاتا ڊڪشٽ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي آهي. ماڌوري ۽ هن جي مڙس گڏيل بيان ۾ لکيو آهي ته اسان جي ماءُ اڄ صبح لاڏاڻو ڪري وئي آهي. واضح رهي ته اداڪارا جي والده جي موت جو ڪارڻ سامهون نه اچي سگهيو آهي.