برازيل(انٽرسٽنگ نيوز) اڪثر اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ڪتي کي ڇتو ٿيڻ يا ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏاڙهڻ سبب ماريو ويندو آهي، پر برازيل ۾ هڪ عورت پاڙيسري جي پاليل ڪتي کي گهڻو ڀونڪڻ سبب زمين ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. هڪ پيرسن عورت پاڙيسريءَ جي پاليل ڪتي کي گهڻو ڀونڪڻ سبب زمين ۾ زنده دفن ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو واقعو برازيل ۾ پيش آيو آهي جتي 82 سالن جي عورت بي زبان جانور کي مارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر اهو خوش قسمتي سان بچي ويو. ڪتي جي 33 سالن جي مالڪ پوليس ۾ شڪايت ڏني ته هن جي پاڙيسري ڪتي کي پنهنجي باغ ۾ زنده دفن ڪيو ۽ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو. هن ٻڌايو ته مان عورت جي نشاندهي تي ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ ڪتي کي زمين مان زنده ڪڍيو ۽ اسپتال منتقل ڪيو جتي هن جو علاج هلندڙ آهي، عورت مونکي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هاڻي ڪتي ڀونڪي ٻيهر پريشان ڪيو ته مان هن کي ٻيهر زمين ۾دفنائي ڇڏيندس.