پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ۾ 4 محرم جو تاريخي ماتمي جلوس اڄ برآمد ٿيندو، ماتمي جلوس کان پهرين مرڪزي امام بارگاه ۾ مجلس عزا منقعد ڪئي ويندي. ماتمي جلوس جي سيڪيورٽيءَ لاءِ سخت حفاظي انتظام ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ 200 کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.