حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڦليلي پوليس ڦورن سان مبينا مقابلو ڪري زخمي ڦورو کي سندس ساٿي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان ڄاڻايو آهي ته پوليس رضيه سلطانا اسڪول وٽ چئن شڪي ماڻهن کي موٽرسائيڪلن تي ڏسي کانئن پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران شڪي ماڻهن پوليس کي ڪجهه ٻڌائڻ بدران مٿن فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب ڏوهاري معشوق مستوئي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس هڪ ساٿي صدام ناريجو کي به گرفتار ڪيو آهي ۽ مقابلي دوران 2 ڄڻا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ترجمان موجب گرفتار ٿيل ڦورن جي قبضي مان غير قانوني اسلحو هٿ ڪري مٿن پوليس مقابلي ۽ هٿيارن جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ٻنهي جوابدارن خلاف داخل کين 10 ڪيسن جو رڪارڊ هٿ اچي ويو آهي جڏهن ته ٻئي رڪارڊ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا پوليس وٽ اڳ ۾ ئي گرفتار هئا جن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات پوليس رضيه اسڪول وٽ پهچائي مقابلو ڏيکاري سندن گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.