عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ لڳ ڪولھي دڙو واسي 20 سالن جي نوجوان سوائي ڪولھي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان وارثن ٻڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن سبب هن اهڙو قدم کنيو.