دادو ( رپورٽر ) سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ، ڊسٽرڪٽ اليڪشن  ڪمشنر آغا توفيق کان بلدياتي اليڪشن جا اختيار واپس وٺي اهي اسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ، ان کان اڳ سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد بئنچ دادو جي وارڊ 13 تي پي ٽي آء اميدوار ادريس ڀرٽ جو نامينيشن فارم رد ڪرڻ بابت داخل پٽيشن تي عدالت جي حڪم تي جواب پيش نه ڪرڻ تي هاء ڪورٽ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آغا توفيق خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.