مورو(ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ سونو ديرو جي  رھواسي ڀٽا برادري جا 10 کان وڌيڪ گھر درياهه جي پاڻي  هيٺ اچي ويا، ٻي طرف واهر نه ٿيڻ خلاف  وليداد ڀٽو، صادق ڀٽو، رياض ڀٽو، سانوڻ ڀٽو ۽ ٻين پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته برساتن سبب درياھ ۾ چاڙھ اچي ويو آھي، جنھن ڪري اسان جا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بي يارو مددگار ويٺل آهيون، ڪير مدد ڪرڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.