پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ڀرسان پيرسن عورت پراسرار نموني گم، وارثن جو مخالفن مٿان قتل ڪري لاش گم ڪرڻ جو الزام، احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ ڏونگر خان جي رهواسڻ عورت  سڪينه ڏونگراڻي  صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته برادريءَ جي خوني تڪرار سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، مخالف قتل ڪرڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن، جنهن ڪري پنهنجا گهر خالي ڪري ٻئي هنڌ پناه ورتي آهي. هن ٻڌايو ته مخالفن مارڪٽ ڪري گهران تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ منهنجي ڏيرياڻي پيرسن هزار خاتون کي گم ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مخالفن ڪاهه ڪري گهر ڊاهي ڇڏيا، منهنجي ڏيرياڻي هزار خاتون کين قرآن پاڪ جي واسطا ڏنا ته گهر نه ڊاهيو، ان جي باجود هنن گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ پيرسن هزار خاتون کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جيڪا پنجن ڏينهن کان گم آهي، شڪ آهي ته مخالفن کيس قتل ڪري لاش گم  ڪري ڇڏيو آهي. پوليس اسان جي ڪابه مدد نه پئي ڪري. هن ايس ايس پي خيرپور کان معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته گم ڪيل عورت کي بازياب ڪرايو وڃي.