سرهاري (ن پ ا) سرهاري ڀرسان ڳوٺ نواز ڏاهري واسين غلام مصطفيٰ ڏاهري، علي حسن ڏاهري، علي حيدر ڏاهري ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳوٺ سردار خان مگسي جي رهواسين غلام مصطفيٰ3ٰ مگسي، الطاف مگسي، رفيق مگسي ۽ ٻين زبردستيa کڏهر شاخ مان نڪرندڙ سرڪاري واٽر ٽن هفتن کان بند ڪري ڇڏيو آھي، اسان واٽر کولڻ وياسين ته هنن اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڳوٺاڻن چيو ته اسان ڪو به سرڪاري واٽر بند ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڏاهري برادري جي ماڻهن مٿان ڪا فائرنگ ڪئي آھي، ڏاهري برادري جو ضد آھي ته اسان پنهنجي ذاتي واٽر مان هنن کي پاڻي وهڻ ڏيون، جيڪو اسانجي گهرن جي وچان وهي ٿو، اسان ان مان پاڻي وهڻ نه ڏينداسين، اسان نٿا چاهيون ٻئي برادري جا ماڻهو اسان جي ڳوٺ جي وچ ۾ اچي واٽر مان پاڻي وهن، ڇڪتاڻ تي سرهاري پوليس پهچي جهيڙيندڙ ڌرين سان ڳالهيون ڪري بند پيل رستو کولرائي مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.