ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ هزارين روپين جي ماليت جا ليمان چوري ڪرڻ جو 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب ھزارين روپين جي ماليت جا ليمان چوري ٿيڻ جو پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ليمن جي ٺيڪيدار محمد حسن سومرو ڪنري ٿاڻي تي پھچي نانجي ڪولھي، لڇمڻ، ڪستورو، ٽيڪم ۽ چنو ڪولھي خلاف ڪيس داخل ڪرايو، فريادي ڄاڻايو ته گذريل رات ڄاڻايل جوابدار 3 موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي باغ ۾ وڪري لاءِ رکيل ھزارين روپين جي ماليت جا ليمان چوري ڪري ويا، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻن ڄڻن نانجي ۽ لڇمڻ ڪولھي کي گرفتار ڪري چوري ٿيل هڪ ڪٽو ليمن جو هٿ ڪري ورتو آهي، پوليس گرفتار جوابدارن کي عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدارن کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جو چوڻ آھي ته اسان چوري ناهي ڪئي، باغ اسان جو ٺيڪي تي ورتل آھي.