پيارو اسٽيشن  (ن پ ا) سيتا سرجڻھار فورم  پاران روھڙي کان ڪوٽڙي ٽريڪ تي 8 مھينن کان بند پيل ٽرينن جي بحالي لاءِ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ 73 هين ڏينهن به پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي منير احمد سمون، احمد علي چانڊيو، غوث بخش برھماڻي، غلام حسين پنھور، فدا حسين چانڊيو،  ھارون احسن ابڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو بھانو ڪري  8 مھينن کان روھڙي  ڪوٽڙي ٽريڪ جون سڀ ٽرينون بند ڪيون ويون آهن، جنهن سبب عوام سستي سواري کان محروم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين روهڙي لاڙڪاڻو دادو سيوهڻ ڄامشورو ڪوٽڙي ٽريڪ تي ٽرينون نه هلايون وينديون تيستائين احتجاج جاري رھندو.