ڏوڪري(ن پ ا) اسپين جي سياح جوڙي سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهچي دورو ڪيو. پرڏيهي جوڙي مسٽر پبلو ۽ مس ماريه پراگراس موهن جي دڙي جو دورو ڪري مختلف ايرياز اسٽوپا، ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر ايريا، گريٿ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا. ان موقعي تي جوڙي جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي هڪ مثالي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن، هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا، هتي اچي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي آهي، هوڏانهن اسپين جو پرڏيهي جوڙي جي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.