پاڻ کي جاڳايو سنڌ بچايو

0
234

سنڌ سرڪار سنڌ کي تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهي آهي. سنڌ هن مهل واڳ ڌڻين جي منتظر آهي ته اهي کيس تباهيءَ جي طرف وڃڻ کان بچائين ۽ اواڏانهن وٺي وڃن جتي ترقي ۽ خوشحالي هجي. جتي حقن جي حاصلات هجي. سنڌي ماڻهن جي اها خواهش آهي ته سنڌ ۾ اهي حڪمران هجن جيڪي سنڌ جا مسئلا حل ڪن. بغير منافقت جي سنڌ سان سچائي ڏيکارين، جيئن تاريخ به انهن کي ياد رکي.
سنڌ جا اڪيچار مسئلا آهن جيئن اسان انهن مسئلن تي لکڻ شروع ڪنداسين ته قلم ٿڪجي پوندو پر مسئلا ختم نه ٿيندا. سنڌ جو غريب طبقو هن وقت پيسجي رهيو آهي، جيڪو حڪمرانن جي لاپرواهيءَ جي ڪري ٿي رهيو آهي. سنڌ جي تعليم بلڪل تباھ ٿي وئي آهي. سنڌ جا گهڻا اسڪول بند پيا آهن ۽ ماستر گهر ويٺي پگهارون پيا وٺن. ڳوٺن جا اسڪول وڏيرن، ڪمدارن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون بڻجي ويا آهن. حڪمران صرف پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ ئي پورا آهن. تازو بحريا ٽائون جي انتظاميا سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي ڳوٺن کي ڊاهي شهر اڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. صديون پراڻن ڳوٺن تي بلڊوزز پيا هلائين. 6 جون 2021ع تي بحريا ٽائون جي آڏو سپر هاءِ وي تي پرامن احتجاج ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جون سموريون قومپرست پارٽيون، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، هوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊريشن، سنڌ سجاڳي فورم، پائلر، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ سول سوسائٽيءَ جون تنظيمون ۽ انهن جي ميمبرن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي محل ڪجھه ڀاڙيتو وڳوڙين بحريا ٽائون جي گيٽ کي باھ ڏني ۽ اندر وڃي ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي. پوءِ خبر پئي ته اهي ملڪ رياض جا ماڻهو هئا جن گيٽ کي باھ ڏني ۽ اندر وڃي ڀڃ ڊاھ ڪئي. درصل انهن ماڻهن کي ان ڪري موڪليو ويو هو ته جيئن پر امن احتجاج خراب ٿي.
پوليس به وڳوڙين سان گڏجي شيلنگ لٺبازي ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. سنڌ حڪومت جا حمايتي گيٽ سڙڻ تي ايڏو ماتم پيا ڪن، باقي صدين کان آباد سوين ڳوٺ بلڊوز ڪري لکين سنڌين جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي انهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو ٿو وڃي ته اهو ڀُڏو ڪم ته ڪنهن کي نظر ئي نٿو اچي. ڇا بحريا ٽائون جا الاٽيز انسانن ۽ انسانيت کان مٿانهان آهن؟ ڇا اتان جا مقامي ماڻهو انسان نه آهن؟ جڏهن سنڌ گهڻ طرفي گهيرن ۾ هجي پنهنجا ماروئڙا مشڪل ۾ هجن ته اسان انهن جو ساٿ ڇڏي ويرين سان گڏ بيهون، اهو ڪٿان جو قانون ۽ اخلاق آهي. مسڪين ماڻهن مٿان تنقيد جا تير هلائي توهان ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو؟ پنهنجي قوم جو ساٿ ڏيڻ بدران توهان وطن جي ويرين جو ساٿ ڏئي رهيا آهيو. اهو توهان کي واجب نه آهي. ڏکئي وقت ۾ پنهنجي قوم سان بيهڻ گهرجي. هن وقت سنڌ ايڪشن ڪميٽي سوچي سمجهي بهتر فيصلا ڪري. هڪ ٻي سان اختلاف ختم ڪري سمجهداريءَ سان اڳتي وڌي پنهنجي قوم ۽ تحريڪ کي اڳتي وڌائي. ڇو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ واري نعري ۽ منشور کي وساري ويٺي آهي.
ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.
پيپلز پارٽيءَ جو هاڻي شايد سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. هنن کي ملڪ رياض خاطري ڪرائي آهي ته ڪنهن به طرح اقتدار پ پ پ کي ڏياريندو! ان ڪري پ پ پ کي پريشان ٿيڻ نه گهرجي. ڇو ته ملڪ رياض سان رياستي ادارن جا ڪرتا ڌرتا به ڀاڱي ڀائيوار آهن، جيڪي جنهن کي چاهين اقتدار حوالي ڪري ڇڏين. ڇو ته چونڊن جا نتيجا انهن جي مرضيءَ سان پڌرا ٿيندا آهن. اها پ پ پ جي قيادت کي به ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي، ان ڪري قبضا مافيا خلاف جدو جهد جو شڪار نه صرف ملڪ رياض ٿي رهيو آهي، پر ان جا ڀاڱي ڀائيوار به متاثر ٿي رهيا آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي جدو جهد گهڻ رخي آهي. ان لاءِ تحريڪ جي قيادت کي به سمورا رخ سامهون رکي جدو جهد جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. رهيو سوال ته جڏهن عوامي سطح جون تحريڪون هلنديون آهن ته انهن ۾ ڪوتاهيون به هونديون آهن، آڱريون به کڄنديون آهن. قيادت جو ڪم انهن ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ، کڄندڙ آڱرين کي پختن دليلن سان جواب ڏيڻ هوندو آهي ان ڪري اهو ڪم جاري رکڻو پوندو.
پيپلز پارٽيءَ جو الميو اهو آهي ته انهن وٽ هاڻي سياسي سوچ وارا اڳواڻ يا ڪارڪن رهيا ئي نه آهن. عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ وارا ابدي ننڊ سمهي رهيا آهن. موجوده پ پ پ قيادت اسٽيبلشمينٽ کي ئي طاقت جو سر چشمو سمجهي رهي آهي. جنهن جو مثال سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلانيءَ کي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊرائڻ آهي. سو هاڻي ملڪ توڙي سنڌ ۾ هڪ حقيقي عوام دوست پارٽيءَ جي اشد ضرورت آهي. ۽ اهڙي قسم جون پارٽيون عوامي جدو جهد ۽ تحريڪن جي نتيجي ۾ ئي نروار ٿينديون آهن. ان لاءِ انتهائي ڏاهپ، هوشياري ۽ مستقل مزاجيءَ سان جدو جهد جي اڄ تمام گهڻي گهرج آهي، جيئن گهربل مقصد حاصل ڪري سگهجن. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ٿڪجي پياسين يا مايوسيءَ جو شڪار ٿياسين ته وري صديون پٺتي هليا ويندا سين . ۽ پوءِ نه عوام ۽ نه تاريخ اسان کي معاف ڪندي. پنهنجي ضمير کي جاڳايو سنڌ بچايو .